English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ابراهيم حيدري ٽائون ۽ يوسي چوڪنڊي انتظاميه صفائي ڪرائڻ ۾ ناڪام
208 views
|
11th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
شھري توحيد حسين ايڊووڪيٽ عدالت پهچي ويو، ڌريون 19 فيبروري تي طلب، نوٽيس جاري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ٽائون ڪارپوريشن ابراهيم حيدري ۽ يو سي چوڪنڊي ون جي مبينا ناقص ڪارڪردگي خلاف هڪ شھري ملير عدالت پهچي درخواست داخل ڪئي جنهن بعد عدالت لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي۔شھري توحيد حسين ايڊووڪيٽ قلم 133 تحت سينيئر سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي مؤقف اختيار ڪيو ته ٽائون ابراهيم حيدري ۽ يو سي چوڪنڊي ون جي انتظاميا صفائي سٿرائي ۽ نيڪالِ آب جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، جنهن سبب مختلف علائقن ۾ رستن تي ڪچري جا ڍير ۽ گٽرن جو پاڻي بيٺل رهي ٿودرخواستگذار عدالت کان استدعا ڪئي ته لاڳاپيل ادارن کي فوري طور صفائي ۽ سيوريج جا مسئلا حل ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي ته جيئن رهواسين کي پيش ايندڙ تڪليفن جو ازالو ٿي سگهي۔عدالت درخواست تي ڪارروائي ڪندي چيئرمين ٽائون ڪارپوريشن ابراهيم حيدري، چيئرمين يو سي چوڪنڊي، يو سي ڪائونسلرز، ڊپٽي ڪمشنر ملير، اسسٽنٽ ڪمشنر ملير ۽ ايس ايڇ او ٿاڻو شاهه لطيف ٽائون کي فريڪ بڻائيندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ کين 19 فيبروري 2026ع تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي۔ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي مهينن کان صفائي جو نظام درهم برهم آهي، گهٽيون ۽ رستا گندي پاڻي سان ڀريل رهن ٿا جڏهن ته ڪچرو وقت سر نه کنيو وڃي ٿو۔ رهواسين موجب بار بار شڪايتن باوجود ڪا اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي وئي، جنهن بعد عدالت سان رجوع ڪرڻو پيو رهواسين اميد ظاهر ڪئي آهي ته عدالتي مداخلت کان پوءِ لاڳاپيل ادارا عملي قدم کڻندا ۽ علائقي کي صاف سٿرو بڻايو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: ابراهيم حيدري ٽائون ۽ يوسي چوڪنڊي ان
0 تبصرے