عاصمه جهانگير ملڪ ۾ ڪوڙ، جبر، ڏاڍ ۽ هر قسم جي دهشتگردي خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي: صادق لاکو
ٺٽو (ڊر) سنڌ ڪلچرل فورم ضلعي ٺٽي پاران بئريسٽر عاصمه جهانگير جي اٺين ورسي جي مناسبت سان فقير محمد ڀايل لائبريري گھوڙاٻاري ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي۔ تقريب کي خطاب ڪندي فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو چيو ته عاصمه جهانگير ملڪ ۾ ڪوڙ، جبر، ڏاڍ ۽ هر قسم جي دهشتگردي خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي ۽ حقيقي جمهوريت جي قيام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو۔ هن چيو ته عاصمه جهانگير مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جو بيباڪ آواز هئي، جنهن بنا ڪنهن خوف جي انساني حقن جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي۔ ان موقعي تي علي احمد پنھور، محمد شريف جاکرو، علي محمد بروهي ۽ ٻين چيو ته عاصمه جهانگير پورهيتن، هارين، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن سميت هر طبقي جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ قيدين جي آزادي لاءِ به اهم خدمتون سرانجام ڏنيون۔ مقررین چيو ته موجوده حالتن ۾ ملڪ کي عاصمه جهانگير جهڙي بهادر ۽ اصولي قيادت جي سخت ضرورت آهي۔ تقريب جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن عاصمه جهانگير جي تصوير تي گل نڇاور ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي۔ تقريب ۾ مير حسن جاکرو، منظور ڍوڪي، علي زمان جامدار، غلام مصطفيٰ پنھور، محمد ابراهيم لاکو، شهباز علي جاکرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔
0 تبصرے