ڊائريڪٽر سيڪنڊري سکر حافظ شهاب الدين انڍڙ ، چيف مانيٽر نگ آفيسر صدام وساڻ ۽ ٻيا به شريڪ
ھڱورجا(رپورٽر)ٽي اي او پرائمري ميل عبدالقادر ڀٽي ۽ ٽي اي او في ميل سيڪنڊري بختيار احمد چنا پاران سابق ڊي اي او خيرپور پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو ۽ استاد نياز حسين دايو جي مان ۾ هڪ شاندار پروقار تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن۾ خاص مهمان ڊائريڪٽر سيڪنڊري سکر حافظ شهاب الدين انڍڙ هئا. ۽ان سان گڏ چيف مانيٽر نگ آفيسر صدام حسين وساڻ، ٽي اي او سيڪنڊري گمبٽ مفتون ضياء شاھ، ٽي اي او ميل پرائمري گمبٽ عبدالقيوم ڄامڙو، ٽي اي او سيڪنڊري ٺري ميرواه شمس الدين لغاري، ٽي اي او پرائمري ميرواھ محمد حسن ويسر، ٽي اي او نارا ساجد ويسر، اسسٽنٽ نويد منڱڻهار، گسٽا اڳواڻ مور سنڌي، گسٽا صدر منير احمد کهڙو، صحافي فرمان سھتو، ڪفايت جانوري، فوڪل پرسن وقار حطار، صمد ڀنڀرو، اسڪولن جي هيڊماسترن سميت وڏي انگ ۾ استادن آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي ڊائريڪٽر سيڪنڊري سکر حافظ شهاب الدين انڍ ڙ ۽ ٻين پنهجي خطاب ۾ پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو جي خدمتن جي تعريف ڪئي تعليم جي بهتري لاء ڪيل جاکوڙ تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ان موقعي تي ميزبان بختيار چنا عبدالقادر ڀٽي پاران آيل مهمانن کي سنڌي اجرڪ شال جا تحفا ڏنا
0 تبصرے