عمرڪوٽ ۾ پوليس ڊيٽا جي جديد نظام بابت اسپارڪ جي سهڪار سان تربيتي سيشن

عمرڪوٽ ۾ پوليس ڊيٽا جي جديد نظام بابت اسپارڪ جي سهڪار سان تربيتي سيشن

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سپرنٽنڊنٽ آف پوليس عمرڪوٽ جي آفيس ۾ پوليس ڊيٽا کي جديد انداز سان محفوظ ۽ مؤثر نموني استعمال ڪرڻ بابت ھڪ روزو تربيتي سيشن منعقد ڪيو ويو، جنھن جو اهتمام اسپارڪ تنظيم پاران ڪيو ويو، سيشن ۾ اسپارڪ جي ضلعي مينيجر سورج مل، سوشل موبلائزر خديجه بلوچ ۽ ٻين نمائندن شرڪت ڪئي، جڏھن ته پوليس آفيسرن ۽ عملي جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، تربيتي ويھڪ دوران شرڪت ڪندڙن کي روايتي ڪاغذي فائلن واري نظام مان جديد ڊجيٽل نظام ڏانھن منتقلي جي اھميت ۽ فائدن بابت آگاهي ڏني وئي، ٻڌايو ويو ته ماضي ۾ پوليس جو رڪارڊ فائلن ۽ رجسٽرن ۾ محفوظ ڪيو ويندو ھو، جنھن سبب معلومات تائين پھچ ۾ دير، انساني غلطين ۾ اضافو ۽ اهم ڊيٽا ضايع ٿيڻ جا خدشا موجود ھوندا ھئا، ان موقعي تي ڄاڻايو ويو ته جديد ضرورتن کي نظر ۾ رکندي پوليس کاتي پنهنجو رڪارڊ محفوظ برقي ڊيٽابيس ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آھي، جتي فرسٽ انفارميشن رپورٽون، ڪيسن جون تفصيلون، ملزمن جو ڏوھاري رڪارڊ، جاچ رپورٽون ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جون وڊيوز محفوظ ڪيون پيون وڃن، شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل نظام ذريعي نه صرف معلومات کي وڌيڪَ محفوظ بڻايو ويو آھي پر ان تائين ترت رسائي پڻ ممڪن بڻجي وئي آھي، جنھن سان جاچ جي عمل ۾ تيزي، ڪيسن جي بھتر نگراني ۽ ڏوهن جي تجزيي ۾ نمايان بھتري آئي آھي، ان سان گڏ ڪاغذي ڪارروائي ۾ گهٽتائي ۽ مختلف شعبن وچ ۾ رابطن کي پڻ وڌيڪَ مؤثر بڻايو ويو آھي، آفيسرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان جوابدهي ۽ رپورٽنگ جو نظام مضبوط ٿيو آھي ۽ انگن اکرن جي بنياد تي مؤثر فيصلا ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿي آھي، جنھن سان عوامي اعتماد ۾ واڌارو ٿيندو، سيشن جي پڄاڻي تي ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته اسپارڪ تنظيم جي سهڪار سان ضلعي عمرڪوٽ ۾ جديد، شفاف ۽ مؤثر پوليسنگ جي فروغ لاءِ اهڙيون تربيتي سرگرميون مستقبل ۾ پڻ جاري رکيون وينديون.