اسسٽنٽ ڪمشنر فهيم شاڪر ۽ مختيارڪار اقتدار رسول بهراڻي جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪيو ويو
ٺٽو (ڊ ر) ٺٽو شهر جي مين اسٽاپ تي ناجائز حد دخلين خلاف آپريشن، انتظاميه جو سخت قدم. تفصيل موجب ٺٽو شهر جي مين اسٽاپ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڌندڙ غير قانوني حد دخلين خلاف ضلعي انتظاميه باقاعده اينٽي انڪروچمينٽ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ ڪارروائي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو فهيم شاڪر ۽ مختيارڪار ٺٽو اقتدار رسول بهراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پڻ موقعي تي پهچي آپريشن جي نگراني ڪندي عملي کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون۔ انتظاميه موجب مين نيشنل هاءِ وي ۽ شهر جي اهم هنڌن تي قائم غير قانوني ڇاپرا، دڪان، هوٽلون ۽ ٻيون عارضي ۽ مستقل اڏاوتون ٽريفڪ جي رواني ۽ شهر جي خوبصورتي ۾ رڪاوٽ بڻيل هيون، جنهن سبب عوام کي شديد تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو۔ آپريشن دوران اينٽي انڪروچمينٽ فورس، ميونسپل عملي، روينيو عملي، مختيارڪار آفيس جي ٽيم ۽ پوليس جي وڏي نفري موجود هئي، جڏهن ته سٽي سرويئر ٺٽو پنهنجي ٽيم سميت حد دخلين جي نشاندهي ڪري نشان لڳايا۔ انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڪارروائي بنا تفريق جي جاري آهي ۽ روڊن ۽ سرڪاري زمين تان مڪمل طور حد دخليون ختم ڪيون وينديون۔ اختيارين وڏين عمارتن ۽ دڪانن جي مالڪن کي به خبردار ڪندي چيو ته فوري طور پنهنجون تجاوزات ختم ڪن، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، جنهن ۾ ڪيس داخل ڪرڻ ۽ عمارتن کي ڊاهڻ به شامل ٿي سگهي ٿو۔ آپريشن دوران ڪجهه دڪاندارن الزام هنيو ته ڪارروائي من پسند ماڻهن خلاف نه پئي ڪئي وڃي، جڏهن ته انتظاميه انهن الزامن کي رد ڪندي چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي ۽ ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي ويندي۔ شهرين جي وڏي اڪثريت آپريشن کي ساراهيندي چيو ته حد دخلين سبب ٽريفڪ جام، حادثن ۽ شهري بدنظمي ۾ اضافو ٿي رهيو هو، جنهن جو خاتمو لازمي هو۔ واضح رهي ته ضلعي انتظاميه پاران اڳ ئي جاري ڪيل شيڊول مطابق مين نيشنل هاءِ وي ۽ شهر جي اهم رستن تان حد دخليون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن تي هاڻي عملي طور عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي۔ ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته شهر جي بحالي، ٽريفڪ جي رواني ۽ عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي اينٽي انڪروچمينٽ آپريشن جاري رهندو ۽ ڪنهن به قسم جي غير قانوني حد دخلين جي اجازت نه ڏني
0 تبصرے