اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فھيم رورل هيلٿ سينٽر ۽ بوائز ھاء اسڪول جنگشاھي جو دورو

اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فھيم رورل  هيلٿ سينٽر ۽ بوائز ھاء  اسڪول جنگشاھي جو دورو

ٺٽو ( شفيق ڀٽي) اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فھيم رورل هيلٿ سينٽر ۽ بوائز ھاء اسڪول جنگشاھي جو دورو، تفصيل موجب اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فھيم جنگشاهي جو دورو ڪيو، دوري دوران اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو رورل هيلٿ سينٽر جنگشاهي جو معائنو ڪري مختلف وارڊن ۽ شعبن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن ڊاڪٽرن ۽ عملي کي مريضن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ پنهنجي ذميوارين ايمانداري سان نڀائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. دوري دوران صحافين پاران اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو کان جنگشاهي جي بنيادي مسئلن ڊاڪٽرن جي کوٽ مڊيسن جي اڻلڀ ۽ ايمبولينس جي خرابي کوٽ بابت سوال ڪيا ويا، جنهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جو يقين ڏياريو، آخر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو گورنمينٽ هاءِ اسڪول جنگشاهي جو دورو ڪيو، جتي هن مختلف ڪلاسن جو معائنو ڪيو ۽ استادن سان ملاقات ڪري تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون. اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاگردن سان سوال جواب پڻ ڪيا ۽ کين بهتر تعليم ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.