English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي وسندي نور محمد ڳوٺ کي ڊاھڻ لاء ٻئي ڏينهن به چڙھائي، جهڙپون، شيلنگ ۾ ڪيترائي بيهوش
261 views
|
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
انتظاميه پاران ڪالهه ٻئي ڏينهن به ڳوٺ کي ڊاهڻ لاءِ ڪاهه ڪئي وئي، ڳوٺاڻن پاران عورتن سميت سخت مزاحمت
اوڀرڪراچي(رپورٽ اعجاز چانڊيو) سنڌي وسندي نور محمد ڳوٺ کي ڊاھڻ لاء ٻئي ڏينهن به چڙھائي، جهڙپن کانپوءِ صورتحال ڇڪتاڻ جو شڪار۔ شيلنگ. ڪيترائي ڳوٺاڻان بيھوش، تفصيل موجب. ڪراچي. جمالی پل ڀرسان واقع سنڌي وسندي نور محمد ڳوٺ کي ڊاھڻ لاء لاءِ انتظاميا پاران ڪارروائي جو ٻيو ڏينهن به ڇڪتاڻ سان گذريو. اينٽي انڪروچمينٽ فورس، روينيو ڊپارٽمينٽ، ضلعي انتظاميه، ضلع ايسٽ پوليس، سوئي سدرن گيس، ڪي اليڪٽرڪ ۽ واٽر بورڊ جا اهلڪار عدالتي حڪمن تحت علائقي ۾ آپريشن لاءِ پهتا. انتظامي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي عدالت جي واضع حڪمن جي روشني ۾ ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ سڀ لاڳاپيل ادارا ۽ ضلعي انتظاميه شامل آهن، جڏهن ته ضلع ايسٽ پوليس امن امان برقرار رکڻ لاءِ آپريشن ۾ حصو وٺي رهي آهي.ٻئي پاسي عيني شاهدن ۽ مقامي رهواسين موجب آپريشن دوران مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ آنسو گيس جي شيلنگ ڪئي وئي، جنهن سبب مردن، عورتن ۽ ٻارن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف پيش آئي. صورتحال ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيڻ بعد ڪجهه مظاهرين پاران پٿراءُ پڻ ڪيو ويو، جنهن ڪري علائقو ميدانِ جنگ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو. ڇڪتاڻ وڌڻ تي اختيارين عارضي طور علائقو خالي ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ نور محمد ڳوٺ جي رهواسين هڪ مبينا بلڊر خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي، جيڪا ٿاڻي سائيٽ سپر هاءِ وي تائين پهتي، جتي مظاهرين ٿاڻي جي مين گيٽ اڳيان احتجاج ڪيو. مظاهرين چيو ته سندن ڳوٺ ڪيترن سالن کان آباد آهي ۽ سندن وٽ مالڪي يا رهائشي دستاويز موجود آهن. هنن الزام لڳايو ته هڪ نجي بلڊر سندن زمين تي دعويٰ ڪري کين بي دخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. رهواسين موجب جڏهن کان علائقي کي شهري حدن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، تڏهن کان بي دخلي جا خطرا وڌي ويا آهن. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته سندن دستاويزن جي جاچ ڪري کين قانوني تحفظ ڏنو وڃي ۽ ڪنهن به ڪارروائي کان اڳ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن. مظاهرين جي الزامن بابت لاڳاپيل بلڊر يا ٻين اختيارين طرفان اڃا تائين ڪو باضابطه موقف سامهون نه آيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي وسندي نور محمد ڳوٺ کي
0 تبصرے