عمرڪوٽ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي اهتمام هيٺ حسنِ ڪارڪردگي ايوارڊ تقريب منعقد

عمرڪوٽ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي اهتمام هيٺ حسنِ ڪارڪردگي ايوارڊ تقريب منعقد

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سياسي ۽ سماجي شخصيت، پاڪستان پيپلز پارٽي جي بهادر اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم الحاج سيد علي مردان شاهه جي نالي سان منسوب حسنِ ڪارڪردگي ايوارڊ ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ جي چيف آفيسر محمد شريف ناريجو کي ڏنو ويو، هي ايوارڊ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر، نامور اسپورٽس مين ۽ سماجي اڳواڻ رسول بخش رحيمداڻي پاران ضلع ڪائونسل هال عمرڪوٽ ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي رسول بخش رحيمداڻي چيو ته هن وقت پاڪستان کي محبت، ڀائپي ۽ امن جي سخت ضرورت آهي، ۽ اهو مقصد نوجوانن کي صحتمند راندين جي سرگرمين ڏانهن راغب ڪري حاصل ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته راندين نوجوان نسل کي منشيات ۽ سماجي برائين کان پري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، هن اعلان ڪيو ته رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي طرفان سال 2026ع ۾ مختلف سرڪاري آفيسرن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن کي اعزازي ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جن ۾ پاڪستان زنده باد بيسڪ آرگنائيزيشن پاڪستان جو باني مير نادر علي ابڙو، سيڪريٽري اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ منور علي مهيسر، پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ حيدرآباد جي صدر صنم عباس ٽالپر، انٽرنيشنل روٽري ڪلب امراڻو جو صدر محمد زمان کوسو سميت ٻيون شخصيتون شامل آهن، رسول بخش رحيمداڻي حڪومت سنڌ ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي عمرڪوٽ کي مستقل بنيادن تي فنڊ فراهم ڪيا وڃن، هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي وزير اسپورٽس سردار محمد بخش مهر، صوبائي وزير تعليم ۽ معدنيات سيد سردار علي شاهه، ايم پي اي امير علي شاهه، چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي ۽ ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ راندين جي فروغ لاءِ مالي سهڪار ڪندا، هن خاص طور تي صوبائي وزير تعليم ۽ معدنيات سيد سردار علي شاهه کي مؤدبانه اپيل ڪئي ته هو وزيراعليٰ سنڌ ۽ اسپورٽس ڊپارٽمينٽ وسيلي رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاءِ ساليانو هڪ ڪروڙ روپين جي گرانٽ منظور ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، جيئن مستقبل ۾ مالي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي، رسول بخش رحيمداڻي ٻڌايو ته هو پاڻ قائداعظم ٽرافي گريڊ ٽو ميرپورخاص ڊويزن جو اڳوڻو ڪوچ رهي چڪو آهي، ۽ عمرڪوٽ ضلعو راندين جي حوالي سان غيرمعمولي اهميت رکي ٿو، هن مطالبو ڪيو ته باباءِ پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح انڪلوزر ۽ مرحوم الحاج سيد علي مردان شاهه انڪلوزر کي نئين سر تعمير ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن جي موجوده حالت خستہ ٿي چڪي آهي، ان کان علاوه، ماروي گرائونڊ جي مين گيٽ تي سيد علي مراد شاھ المعروف دادا شاهه انڪلوزر سان گڏ رجسٽرڊ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي مستقل آفيس پڻ قائم ڪئي وڃي، ڇو ته اها عمرڪوٽ ضلعي جي واحد رجسٽرڊ ڪرڪيٽ اڪيڊمي آهي، جيڪا ساليانا ٽورنامينٽس، اسپورٽس سيمينارز ۽ قومي ايونٽس جي انعقاد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هن چيو ته مهانگائي جي هن دور ۾ هڪ ٽورنامينٽ تي 5 کان 10 لک روپين تائين خرچ اچي ٿو، جيڪو محدود فنڊن سبب برداشت ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته ضلع ڪائونسل جي گرانٽ هڪ لک مان وڌائي ڏهه لک رپيا ڪئي وڃي، ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي گرانٽ هڪ لک مان وڌائي پنج لک رپيا ڪئي وڃي، ۽ اسپورٽس يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ طرفان ٻه لک رپين جي گرانٽ، جيڪا صرف ٻه سال ملي ۽ ڪيترن سالن کان نه ملي آهي، ان کي عمرڪوٽ لاءِ ساليانو هڪ ڪروڙ رپيا ڪيو وڃي، آخر ۾ هن چيو ته جيڪڏهن عمرڪوٽ ۾ راندين جا ميدان آباد ٿيندا ته نوجوان نسل صحتمند سرگرمين، راندين ۽ تعليم ڏانهن راغب ٿيندو ۽ معاشرو برائين کان پاڪ ٿيندو.