عمرڪوٽ ۾ سيو دي لائيوز فائونڊيشن پاران ٽن ڏينهن وارو “پيڪيج اي تربيتي پروگرام”پڄاڻي تي پهتو

عمرڪوٽ ۾ سيو دي لائيوز فائونڊيشن پاران ٽن ڏينهن وارو “پيڪيج اي تربيتي پروگرام”پڄاڻي تي پهتو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سيو دي لائيوز فائونڊيشن , ڊائريڪٽوريٽ آف لٽريسي اينڊ نان فارمل ايجوڪيشن (LNFE)، حڪومت سنڌسهڪار سان عمرڪوٽ ضلعي ۾ ٽن ڏينهن وارو پيڪيج اي تربيتي پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو، جنهن ۾ ضلعي جي مختلف علائقن مان آيل غيررسمي تعليم (NFE) جا 40 تربيتي استاد شرڪت ڪئي، هي تربيتي پروگرام ڊائريڪٽوريٽ آف لٽريسي اينڊ نان فارمل ايجوڪيشن (LNFE)، حڪومت سنڌ جي مدد سان منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد تربيتي استادن جي تدريسي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ، نصاب جي بهتر ترسيل کي يقيني بڻائڻ ۽ شاگردن جي سکيا جي نتيجن کي وڌائڻ هو، تربيت دوران شرڪت ڪندڙن کي جديد تدريسي طريقا، عملي مهارتون ۽ شاگرد مرڪز تعليم بابت ڄاڻ ڏني وئي، جيئن هو جامع ۽ اثرائتي سکيا جو ماحول پيدا ڪري سگهن، پروگرام جو خاص مقصد انهن ٻارن تائين معياري تعليم پهچائڻ هو، جيڪي اسڪول کان ٻاهر آهن، خاص طور تي پوئتي پيل ۽ محروم علائقن ۾، ته جيئن ضلعي ۾ خواندگي ۽ عمر ڀر سکيا کي فروغ ملي، تربيتي پروگرام ۾ شمش الدين راٺوڙ (ضلعي پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر NFE)، ڪنهيا موهن لال (چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر SAVE The Lives Foundation)، مشتاق ڪنڀر (DPIC ميمبر) ۽ محمد عيدل جماڻي . خالد اسحاق .علي حسن سومرو سوائي مل ولي محمد ساند ٍٍ۽ حنا راجپوت شامل هئا، مهمانن تربيتي استادن جي محنت ۽ جذبي کي ساراهيو ۽ چيو ته غيررسمي تعليم ڪميونٽي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، تقريب جي آخر ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب ٿي، جنهن ۾ تربيتي پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت ڪندڙ استادن کي سندون ڏنيون ويون، سيو دي لائيوز فائونڊيشن ان موقعي تي پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ادارو استادن کي بااختيار بڻائڻ، ڪميونٽيز کي مضبوط ڪرڻ ۽ عمرڪوٽ سميت سڄي سنڌ ۾ تعليم ذريعي روشن، جامع ۽ بهتر مستقبل ٺاهڻ لاءِ پرعزم آهي.