English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر لڳ وڏي پئماني تي گيس چوري جو انڪشاف
256 views
|
08th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر سامھون گيس جي مين ڊسپوزل پوائنٽ تي وڏي پئماني تي گيس چوري جو انڪشاف ٿيو آهي. علائقي ۾ هلندڙ ڪم دوران ٽي انچن جون ٻه غيرقانوني گيس ڪنيڪشنون ٽٽي پيون، جنهن سبب تيزي سان گيس ضايع ٿيڻ لڳي ۽ علائقو گيس سان ڀرجي ويو.مقامي ماڻهن موجب، مين ڊسپوزل تي غيرقانوني ڪنيڪشنن ذريعي ڪافي عرصي کان گيس چوري ڪئي پئي وڃي، جنهن سان قومي خزاني کي لکين رپين جو نقصان پهچي رهيوآهي.ڪنيڪشن ٽٽڻ بعد تيز آواز سان گيس خارج ٿيڻ لڳي، جنهن سبب ڀرپاسي رهواسين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته ڪنهن به وڏي حادثي جو خدشو پڻ پيدا ٿي ويو.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گيس ليڪيج بابت فوري طور گيس انتظاميا کي اطلاع ڏنو ويو، پر شڪايت باوجود لاڳاپيل عملو گهڻي دير تائين واقعي واري هنڌ نه پهتو. رهواسين جو الزام آهي ته گيس انتظاميا جي لاپرواهي سبب قيمتي گيس ضايع ٿيندي رهي، جڏهن ته ڪنهن به قسم جي ايمرجنسي ريسپانس نظر نه آئي.شهرين مطالبو ڪيو آهي ته رزاق آباد جهڙي حساس علائقي،جتي پوليس ٽريننگ سينٽر پڻ موجود آهي، اتي گيس چوري هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هنن چيو ته غيرقانوني ڪنيڪشن نه رڳو قومي وسيلن جي لٽ مار آهن، پر انساني زندگين لاءِ به وڏو خطرو بڻيل آهن.علائقي واسين ۽ سماجي حلقن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته گيس چوري ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، غيرقانوني ڪنيڪشنن کي فوري ختم ڪيو وڃي ۽ گيس انتظاميا جي ذميوارن عملدارن خلاف به جاچ ڪري کين جوابده بڻايو وڃي، ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام ٿي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر لڳ
0 تبصرے