اسلام آباد ۾ جامع مسجد و امام بارگاهه قصر خديجة الڪبرا ترلائي کي دهشتگردن نشانو بڻايو: علامه سيد اصغر علي شاھ
ملير/ ھڱورجا(رپورٽر)پاڪستان تحريڪ نفاذ جعفريہ جي صوبائي اڳواڻ سيد علامه سيد اصغر علي شاھ چيو آھي ملڪ جي گادي واري شھر اسلام آباد ۾ جامع مسجد و امام بارگاهه قصر خديجة الڪبرا ترلائي تي جمعي نماز دوران دھشتگردن بيگناھ نمازين کي نشانو بڻايو آھي جيڪا حڪومت جي نا اھلي جو چٽو ثبوت آھي ازبڪ صدر جي موجودگي ۾ دھشتگردي جي اھڙي ٿي تہ عام حالات ڪير محفوظ ھوندو ھنڱورجا ۾ وڏي علم تي سيد ڪاظم علي شاھ بخاري سيد زاڪر حسين شاھ بخاري لياقت علي دايو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو آھي اسلام آباد ۾ امام بارگاھ تي حملو جنھن وڏي تعداد نمازي شھيد ۽ زخمي ٿيا آھن جيڪڏنھن حڪومت دھشتگردن کي بينقاب ڪري انھن جي خلاف ڪاروائي نہ ڪئي تہ سخت احتجاج ڪيو ويندو ھن چيو اسلام آباد ۾ امام بارگاھ تي ٿيل حملي کان پوء سنڌ حڪومت کي سيوھڻ قلندر شھباز جي عرس مبارڪ جي ميلي سميت سنڌ سيڪيورٽي کي ھاء الرٽ ڪرڻ گھرجي ھن چيو تہ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نہ ٿيڻ جي ڪري اھڙا واقعا رونما ٿي رھيا آھن گھرو وزارت جي ناڪامي آھي ھن وڌيڪ چيو تہ اھڙن واقعن ڪالعدم عناصرن ملوث ٿي سگھن ٿا انھن خلاف ڪاروائي ٿيڻ گھرجي ھن چيو اسان بلوچستان ۾ ٿيل دھشتگردي جي واقعن جي نہ رڳو مذمت ڪئي پر تحريڪ نفاذ جعفريہ پاڪستان ملڪ جي محافظن سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو.
0 تبصرے