گڏاپ ٽائون ۾ هيپاٽائٽس سي جي مفت ٽيسٽ ڪيمپ ، 450 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا

گڏاپ ٽائون ۾ هيپاٽائٽس سي جي مفت ٽيسٽ ڪيمپ ، 450 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گڏاپ ٽائون جي علائقي حاجي قادو جوکيو بنديچا اسٽاپ وٽ آغا خان اسپتال انتظاميه پاران هيپاٽائٽس سي جي مفت ٽيسٽ ڪيمپ لڳائي وئي. ڪيمپ آغا خان اسپتال جي ڊاڪٽر سلطان جي اڳواڻي ۾ طبي ٽيم پاران منقعد ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي.طبي ذريعن موجب ڪيمپ دوران 450 ماڻهن جا هيپاٽائٽس سي جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 120 ماڻهن ۾ ٽيسٽ مثبت آئي آغا خان اسپتال انتظاميه متاثر ماڻهن جو علاج شروع ڪرڻ ۽ علاج جا سمورا خرچ برداشت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي علائقي واسين خوشي جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي سماجي تعاون زمان جوکيو، مشتاق جوکيو، عبدالرحمن جوکيو، ساجد جوکيو، ماسٽر محمد رمضان جوکيو ۽ شڪيل جوکيو مهيا ڪيو، جن جي سهڪار سان ڪيمپ ڪاميابي سان مڪمل ٿي.علائقي واسين آغا خان اسپتال انتظاميه ۽ سماجي اڳواڻن جي هن فلاحِي قدم کي ساراهيندي چيو ته اهڙن ڪيمپن سان عوام ۾ بيمارين بابت آگاهي وڌي ٿي ۽ وقت سر علاج ممڪن بڻجي ٿو