English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو ۽ مڪلي ۾ بند پيل آر او فلٽر پلانٽن بابت صوبائي محتسب سنڌ جو سخت نوٽيس
194 views
|
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نائب صدر عوامي پريس ڪلب ممتاز علي سميجو جي داخل تي پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ کي نوٽيس جاري
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ٺٽو ۽ مڪلي ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪيل آر او فلٽر پلانٽن جي ڊگهي عرصي کان بند هجڻ ۽ بدانتظامي جو صوبائي محتسب سنڌ، ريجنل آفيس ٺٽو سخت نوٽيس ورتو. نائب صدر عوامي پريس ڪلب ٺٽو ممتاز علي سميجو جي داخل ڪيل درخواست تي صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر ٺٽو، هارون احمد خان پاران پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ٺٽو کي باضابطه نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيس موجب، شڪايت ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڪلي سميت ضلعي ٺٽي ۾ لڳ ڀڳ 62 آر او فلٽر پلانٽن مان اڪثر مڪمل طور غيرفعال بڻيل آهن، جنهن سبب شهري صاف پيئڻ جي پاڻي جهڙي بنيادي انساني حق کان محروم آهن. شڪايت ۾ خاص طور ڀٽي مسجد ڀرسان ناريجا ڳوٺ مڪلي، درگاھ حضرت شاهه ابراهيم شاهه جيلاني ٺٽو، درگاھ مخدوم آدم نقشبندي ٺٽوي مڪلي ۽ ڳوٺ رسول بخش بروهي مڪلي ۾ قائم آر او فلٽر پلانٽن جي بندش جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي گذريل ڪيترن ئي مهينن ۽ سالن کان بند پيل آهن. صوبائي محتسب سنڌ پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ واسطيدار کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 23 فيبروري 2026 تائين پنهنجي تفصيلي رپورٽ پيش ڪري، ٻي صورت ۾ محتسب ايڪٽ 1991 تحت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. نوٽيس ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته حڪمن جي نافرماني جي صورت ۾ صوبائي محتسب سنڌ وٽ هاءِ ڪورٽ جي برابر اختيار موجود آهن، جن تحت طلب، جاچ ۽ توهينِ عدالت جي ڪارروائي به ٿي سگهي ٿي. شهرين ۽ سماجي حلقن ريجنل ڊائريڪٽر ٺٽو صوبائي محتسب سنڌ جي هن قدم کي ڀليڪار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته بند پيل آر او فلٽر پلانٽ جلد فعال بڻايا ويندا ۽ ذميوار عملدارن خلاف قانوني قدم کنيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو ۽ مڪلي ۾ بند پيل آر او فلٽر پلانٽن بابت
0 تبصرے