گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي

گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن جي رهواسين انتہائی تيز آواز وارن لاؤڊ اسپيڪرز خلاف احتجاج ڪندي پوليس ۽ انتظاميه کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. رهواسين جو چوڻ آهي ته ٺيلن ۽ موٽرسائيڪل تي لڳل لاؤڊ اسپيڪرز صبح 8 وڳي کان رات 10 وڳي تائين گوڙ ڪن ٿا، جنهن سبب ٻارن جي تعليم، بزرگن جو آرام ۽ بيمارن جي صحت متاثر ٿي رهي آهي. ڪيترائي ڀيرا درخواست ڏيڻ باوجود ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو ويو آهي۔رهواسين "سندھ ساؤنڊ سسٽم ايڪٽ، 2015" جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ان قانون تحت غير ضروري گوڙ تي 25,000 کان 50,000 رپين ڏنڊ ۽ 6 مهينن تائين قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي۔ ملير جي رهواسين اپيل ڪئي آهي ته ناجائز لاؤڊ اسپيڪرز ضبط ڪيا وڃن، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، ۽ مستقبل لاءِ نگراني جو نظام قائم ڪيو وڃي ته جيئن علائقي جا شهري سڪون سان رهي سگهن۔