سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سجاول (رپورتر) سجاول پوليس جي اسپيشل ٽيم هاءِ پروفائل قتل ڪيس ۾ اهم ڪاميابي حاصل ڪندي سورج رائس مل سجاول جي منيجر جي قتل ڪيس ۾ روپوش مرڪزي جوابدار خير محمد عرف خيرو خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي سجاول علينه راجپر جي خاص هدايتن تي سينيئر پوليس آفيسرن تي ٻڌل اسپيشل ٽيم جوڙي وئي، جنهن مسلسل ۽ انتھڪ محنت کانپوءِ هن هاءِ پروفائل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي حاصل ڪئي۔ ياد رهي ته سال 2022ع ۾ سورج رائس مل جي منيجر نريش ڪمار جي قتل جو ڪيس ميڊيا توڙي سينيٽ جي قائمہ ڪاميٽي ۾ پڻ زيرِ بحث رهيو هو۔ روپوش جوابدار خير محمد عرف خيرو ولد فيض محمد خاصخيلي کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويو آهي۔ قتل ڪيس فريادي خيمچند ولد لڇمن داس جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو، جيڪو ڪيس نمبر 100/2022 تحت دفعو 302، 34 پي پي سي ۾ داخل ٿيل آهي