English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جو محبوب راڳي، سرمد سنڌي جو آواز گونج ۽ پڙاڏو هيو
9 views
|
29th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تحرير : عبدالفتاح عباسي
سنڌ ۾ هونئن ته وڏا وڏا راڳي پيدا ٿيا آهن پر جهڙو سنڌي گيتن کي شاندار انداز ۾ ڳائي وڄائي سنڌ جي قومي راڳي سرمد سنڌي ڏيکاريو اهڙو ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، هو جڏهن اسٽيج تي بيهندو هو ته نه صرف هو ڀٽائي سرڪار ، سچل سرمست ، بابا بلهي شاهه ، شيخ اياز، ابراهيم منشي، زاهد شيخ، زخمي چانڊيو، عبدالغفار تبسم ، استاد بخاري جا لکيل گيت، وايون ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان نينهن نڀائڻ وارا جذبا جنون ۽ قاتلن رهزنن کي للڪاريندڙ ڪلام جڏهن چوندو هو ته پوءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ڀٽائي آڊيٽوريم جا ڊاڪٽر ته ڊاڪٽر پر اتان جا ڊمانسٽريٽر پروفيسر صاحبان به پنهنجي نوجوانن سان خوشي جو اظهار ڪندي جهومندا رهندا هيا، ڇا ته سرمد سنڌي جي آواز ۾ سرور ،گونج ۽ پڙاڏو هيو، هو سنڌ جي پڪن پوڙهن جوانن ڪروڙين سنڌ دوست ماڻهن عوام جو انتهائي پسنديده قومي راڳي هيو، سرمد سنڌي جي آواز ۾ قدرت وڏو اثر رکيو هيو. هن جي اسٽيج تي بيهڻ سان اصل نوجوانن ۾ ڇا ته جذبو جنون ولولو ذوق شوق وڌي ويندو هو، هو اسٿيج جو بادشاهه چئجي ته وڌاء نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جتي به راڳ رهاڻ هجي ۽ اتي سرمد سنڌي نه هجي ته ڄڻ اسٿيج اڌوري ۽ نامڪمل سمجهي ويندي هئي. ها وري جڏهن استيج تي راڳي ڳائيندا رهن پر شدت سان پوء به وري انتظار پنهنجي سنڌ جي محبوب راڳي سرمد سنڌي جو سڀ کان وڌيڪ رهندو هو. هو جڏهن لال لهو جي سرگرم تي، ٿي ڌرتي ماتا رقص ڪري منهن هيڊ ٿيا غدارن جا چوندو هو ته پوءِ نعرن جي گونج رهندي هئي، جڏهن چوندو هو ته سيارو اونهارو ٿي ماٺ ماري سومر اڱارو ، سار لهجو مون کان پوءِ منهنجي معصوم ٻچڙن جي، منهنن ڇپرن لوڙهڻ ۾ ڌاڙيل پيا ڳولهيون، ٻولي منهنجي ٻانڀڙاڻين الا ناهيان مان خان کٽياڻي الا، ماروئڙا سانگيئڙا ،جهانگيئڙا ، الو ميان ناهيان مان خان کٽياڻي الا، اهڙي طرح سرمد سنڌي جا گيت حرام خور شوم کان کليل نفرت جو اظهار هيا، سنڌ جي ناليواري قومي راڳي سرمد سنڌيءَ جو اصل نالو عبدالرحمان ولد حيات علي مغل هو.سندس جنم 7 مئي 1958ع تي ضلعي خيرپورميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالوءِ ۾ ٿيو. سرمد سنڌي مئٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ پريالوءِ ۾ حاصل ڪئي. تنهن کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ميرس ۾ داخل ٿيو. جتان 1980ع ۾ سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين. 1980ع ۾ ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ ۾ سب انجينيئر ( سول ) ۽ بعد ۾ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ اسٽنٽ ڪنٽرولر مقرر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخر تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. سرمد سنڌيءَ ڳائڻ جي شروعات ڪاليج لائف کان شروع ڪئي، ائين ئي هو پنهنجي يارن دوستن ۾ ويهي جھونگاريندو رهندو هو. پاڻ جڏهن ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ان وقت به ڪاليج ۾ ٿيندڙ قومي پروگرامن ۾ قومي گيت جھونگاري محفل تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي طرح سندس سريلي آواز جا آلاپ وڏين محفلن ۾ پڻ گونجڻ لڳا ۽ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف محفلن کي قومي گيتن سان گرمائي ڇڏيندو هو. اهو ضياءَ واري دور هو ۽ سنڌ ۾ قومي گيتن کي چاهه سان ٻڌو ويندو هو. سرمد سنڌي قومي ڪاڄن ۾ سڄي رات بيهي قومي ۽ انقلابي گيت ڳائي، خاص ڪري نوجوانن ۾ نئون ولولو ۽ جوش پيدا ڪندو هو. جڏهن به هو ڳائيندو هو، ته سنڌي نوجوان پنڊال ۾ جهومندا رهندا هيا. هڪ دوست نور احمد ميمڻ جي صلاح تي رحمان مغل مان سرمد سنڌي بڻيو. سرمد سنڌيءَ کي ريڊيو پاڪستان تي ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي ۽ پي. ٽي. وي تي سميع بلوچ متعارف ڪرايو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس آواز ۾ پهريون ڀيرو هڪ لولي ’مارو لولي الو ميان‘ نشر ٿي. ٽي. وي تي سندس آواز ۾ ڳايل پهريون ڪلام ’تنهنجي ياد جي وري آ وير‘ هو. ان کانپوءِ سرمد سنڌي بيشمار عوامي، گيت، غزل، وايون ۽ صوفين جو ڪلام اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ آڊيو-وڊيو ڪئسٽن ذريعي ڳائي، پڙهيل لکيل طبقي کان ويندي هڪ هاري پورهيت تائين مڃتا ماڻي. سرمد سنڌيءَ جو تعلق ڪنهن پيشه وار گائڪن جي خاندان سان ڪونه هو، پر سندس خاندان هڪ مذهبي گھراڻو هو، جتي ڳائڻ وڄائڻ کي سٺو نه سمجھيو ويندو هو. هن راڳ جي باقاعده سکيا ڳوٺ مان لالا عزيز،شاهد بزمي،خان، استاد ظفر علي خان ، ظهور خان زيبي ۽ بيدل مسرور کان ورتي، هن ڳايو هميشه الڳ ڍنگ ۾. هن جي ڳائڻ جو انداز سمورن فنڪارن کان مختلف هو، هن ڪڏهن به فلمي طرزن تي نه ڳايو، هو اڪثر ڌنون پاڻ ڪمپوز ڪندو هو ۽ شاعريءَ جي چونڊ ۾ مهارت رکندو هو. سندس هميشه اها ڪوشش هوندي هيس ته سنڌي موسيقيءَ ۾ جدت آڻجي. هن هميشه ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم ۽ جبر بربريت جي خلاف پنهنجي انقلابي آواز جي وسيلي جنگ ڪئي. هن هر موضوع تي ڳايو، سندس محور سماج ۽ ڌرتيءَ جا سور هئا. هن وٽ سندس لاشعور ۽ ڏات جي ڏيهه ۾ هڪ اهڙي خوبي سمايل هئي، جا ڪلا جي پابندين جي محتاج ڪانه هوندي هئي. سرمد سنڌيءَ جا وڏا اصل سکر جا هئا ۽ عملي طرح هن پنهنجو پاڻ، پنهنجي گھر ڀاتين ۽ پنهنجن ٻارن کي سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان رچائي ڇڏيو هو. کيس سنڌ جي ڌرتي، ٻولي ۽ تهذيب سان بي انتها محبت هيس. هن سنڌين جي دلين جي ترجماني ڪئي. سرمد سنڌي قومي پروگرامن جي دعوت جي ڪابه فيس وغيره نه وٺندو هو، کيس ڪنهن قومي ڪاڄ جي دعوت نه به ملندي هئي، ته به فرض سمجھي ان پروگرام ۾ پاڻ مرادو هليو ويندو هو. سندس دوستن کي چيل هوندو هو ته ڪنهن به سنڌيءَ جي دعوت ڏيڻ تي سندس اچڻ جي پڪ ڏئي ڇڏين، هن ڪڏهن به پئسن جي خاطر نه ڳايو، پر پنهنجي دلي شوق جي پورائي ۽ ڌرتيءَ جو فرض سمجھندي ڳايو. هن شاهه لطيف سميت شيخ اياز، استاد بخاري، سرڪش سنڌي، اياز گل، ادل سومرو، زاهد شيخ، تاجل بيوس، زخمي چانڊيو، نظر پياسي، سميع بلوچ، ڪوثر ٻرڙو، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ابراهيم منشي ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائي، سندن پيغام کي جھر جھنگ تائين پهچايو. سنڌي عوام ۾ کيس ’سنڌ جو ٻيجل‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. نامياري شاعر تاجل بيوس کيس ’راڳ جو راڻو‘ ۽ ’سنڌ جو وڪٽر هارا‘ ڪري سڏيو آهي. سندس زندگيءَ ۾ صرف سنڌ سان محبت هوندي هئي. سرمد سنڌي هڪ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ سخت زخمي ٿيو، جنهن ۾ سندس هڪ ڄنگھ جي هڏي ڀڄي پئي هئي، جنهنڪري کيس ڪراچيءَ جي اسپتال مان لوهي راڊ لڳي ۽ پاڻ ان جي وسيلي هلڻ لڳو. ڪجھه عرصي بعد 27 ڊسمبر 1996ع تي بدين مان هڪ پروگرام ڪري ڪراچي واپس وڃي رهيو هو ته ديوان شگر مل ٺٽي ويجھو هڪ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. کيس ڪراچيءَ نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين ۽ 35 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. سـندس زندگيءَ جو آخري آڊيو البم ’ماروئڙا شهزور‘ هو، جنهن ۾ زاهد شيخ، اياز گل، زخمي چانڊئي ۽ ٻين شاعرن جا گيت شامل هئا. سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز سرمد سنڌيءَ جي وفات تي تعزيتي تاثر ۾ لکيو ته: ”سرمد جو آواز اڃا تائين ڪَتين جي ڪنن ۾ گونجندو هوندو ۽ ستارا اهو ٻڌي سوچيندا هوندا ته سنڌ، ڌرتيءَ جو اهڙو اپگرهه آهي،جتي اهڙي لازوال ڏات پيدا ٿي سگھي ٿي.“ سرمد سنڌيءَ کي پٽ ڄمڻ جي تمام گهڻي خواهش هوندي هئي. سرمد سنڌيءَ جي وفات کان ٽي ڏينهن پوءِ سندس ونيءَ هڪ پٽ کي جنم ڏنو، جنهن جو نالو ’عزيز الرحمان‘ رکيو ويو. کيس هڪ پٽ ۽ ڌيءَ ماريه جو اولاد آهي. هن وقت سرمد سنڌيءَ جو ننڍو ڀاءُ احمد مغل سندس نقش قدم تي هلندي، پنهنجي ڀاءُ جو نالو روشن ڪري رهيو آهي. سرمد سنڌيءَ جي وفات بعد علي حسن چانڊئي سندس ياد ۾ تاثراتن تي ٻَڌل هڪ ڪتاب ’سنڌ جو ٻيجل: سرمد سنڌي‘سهيڙي 1997ع ۾ سرمد سنڌي يادگار ڪاميٽي طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو، جڏهن ته ڪوثر ٻرڙي سندس ڳايل ڪلامن کي سهيڙي هڪ ڪتاب پڻ شايع ڪرايو آهي. اها ڳالهه واضح آهي ته سرمد سنڌي جهڙو دلبر محبتي ڌرتيءَ جهڙو صاف شفاف دل رکندڙ يار ويس ماڻهو پنهنجي آواز ذريعي لکين ڪروڙين دلين جو ترجمان هيو، سکر جي ڪنهن غريب مسڪين ماڻهو جي خواهش هئي ته جيڪر سرمد سنڌي منهنجي ڳاڄ ۾ ڳائي پر ان پئي چيو ته يار الائي ڪيتري فيس ٿيندي آهي مان ته غريب ماڻهو آهيان الائي مون ڏي اچي به الائي نه، اها خبر ڪنهن سرمد سنڌي تائين پهچائي ته هي ڳالهه آهي، جنهن تي سرمد سنڌي وڏي چاهه سان اتي پهتو ۽ شادي ڪاڄ ۾ ڳايو جنهن کان پوءِ واپسي تي جيڪا هزارين روپيا گهور پيس اها گهوٽ جي مائٽن کي ڏيندي چيو ته هي گهوٽ کي مان جي طرفان مبارڪي آهي ، هڪ دفعي ڪنهن ڳوٺ ۾ اهڙي شادي تقريب ۾ هن کي دعوت ڏني وئي ڳائڻ لاءِ اتي وڏا تڪراري جهيڙا ٿيل هجن، ماڻهو ماڻهو کان نفرت ڪري رهيا هئا پر سرمد سنڌي صوفياڻي ڪلامن ذريعي الو ميان ڪندي ڀٽائي سرڪار جون وايون چيون ته خوفناڪ تڪراري قبائلي سالن جا سال جهيڙا ڪندڙ ماڻهن سرمد سنڌي جي محبت انسانيت سان ڀرپور ڪلام ٻڌي ٻنهي ڌرين هٿ ٻڌي سرمد سنڌي سان پيار محبت ڪندي چميون ڏيندي واعدو ڪندي ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي کي معاف ڪندي کير کنڊ ٿي ويا. جنهن کان پوءِ خوني تڪرار جو هميشه جي لاءِ خاتمو ٿي ويو. سرمد سنڌي نفرتن جي خاتمي لاءِ ۽ پوري انسانيت سان پيار ڪرڻ جو درس ڏيندو رهندو هو. هو سنڌ جو البيلو عاشق هيو. هن جي سوز آواز ۾ جيڪا ميٺاس هئي ڪا رسمي نه هئي پر قدرتي هئي جنهن ڪري ئي هو سنڌ جي مارو ماڻهن جو هڪ هيرو هيو، اڄ به سرمد سنڌي جون ڳايل وايون ڪلام سنڌ جي جهرجهنگ وستي واهن نگر نگر ۾ وڏي شوق سان ٻڌا وڃن ٿا. وڏي ڳالهه ته سرمد سنڌي صرف نوجوانن جو ئي نه پر هر عمر واري جو پسنديده قومي راڳي آهي. جڏهن به خيرپور ميرس جي پريان لوء شهر ۾ سنڌ جي ناليواري مشهور درگاهه حضرت سائين محمد اسماعيل پريان لوء رحمت الله عليه جي عرس مبارڪ تي خاص ڪري درگاهه کھڙا شريف ۽ پريان لوء شريف جي گادي نشين مخدوم نديم احمد ھاشمي صاحب جي دعوت تي وڃڻ ٿيندو آهي ته ضرور به مزار لڳ سنڌ جي محبوب راڳي سرمد سنڌي جي آخري آرام گاهه تي فاتحه خواني لاءِ وڃڻ ٿيندو آهي. دعا آهي ته رب العالمين عزوجل سنڌ جي سريلي قومي راڳي عبدالرحمان مغل عرف سرمد سنڌي جا درجات بلند ۽ جنت الفردوس نصیب فرمائي آمين. يا رب العالمين عزوجل
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Dec 2025
•
سندھ
قائدِاعظم محمد علی جناح کی 149ویں یومِ پیدائش کے موقع پر ایف پی سی سی آئی پبلک ریلیشن اینڈ کمیونیکیشن کمیٹی کے زیرِ اہتمام تقریب
29th Dec 2025
•
سندھ
کے ٹی ڈی ایم سی میں جدید فائبر لیزر کٹنگ ٹیکنالوجی نصب ،ہنرمند افرادی قوت کی تیاری کی جانب اہم قدم
29th Dec 2025
•
سندھ
کے پی کے انتخابات ، ڈیموکریٹس پینل کی کامیابی صحافیوں کے اعتماد کا مظہر، ڈاکٹر شام سندر
29th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جو محبوب راڳي، سرمد سنڌي جو آواز گونج ۽ پڙاڏو هيو
29th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف پوليس پاران هڪ ڪروڙ جي ڦر ۾ ملوث مئنيجر سميت 4جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
29th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گهگهر جي 10 ڳوٺن کي هفتي کان پاڻي جي فراهمي بند
29th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ عورت جو مڙس ۽ امڙ سميت مائٽن خلاف احتجاج
29th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز م ڳوٺ حاجي هاشم کوسو واسي جو تپيدار خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ جو محبوب راڳي
سرمد سنڌي جو آواز گونج ۽ پڙاڏو هيو
تحرير : عبدالفتاح عباسي
sarmad sindhi
0 تبصرے