مورو ۾ ايس ايڇ او علي اڪبر کوکر جو اهلڪارن سان گڏ مختلف علائقن جو گشت

مورو ۾ ايس ايڇ او علي اڪبر کوکر جو اهلڪارن سان گڏ مختلف علائقن جو گشت

مورو (جاني جماڻي) ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر پاران مورو شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس نفري سان گڏ شهر جي مختلف تجارتي ۽ رهائشي هنڌن جو پيادل گشت ڪيو ويو. گشت دوران پوليس ٽيم مين روڊ، شاھي بازار، ريشم بازار، سبزي مارڪيٽ سميت ۽ ٻين مصروف هنڌن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ان موقعي تي ايس ايڇ او علي اڪبر کوکر صحافي جاني جماڻي صحافي عارف يوسفزئي سان ڳالهائيندي چيو ته “اسان شهرين جا محافظ آهيون، شهرين کي تحفظ ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.” شهر ۾ امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ گشت وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي، جڏهن⁠ تہ ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل کوسو جي هدايتن تي موٽرسائيڪلن تي به پوليس گشت وڌايو ويو آهي، جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري ڪارروائي ڪري سگهجي ايس ايڇ او علي اڪبر کوکر جو چوڻ هو ته هو رات دير تائين پاڻ به گشت ڪندو رهي ٿو ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته شهر ۾ امن امان کي بهتر بڻايو وڃي. هن واضح چيو ته “ڪنهن به صورت ۾ ڦورن، چورن، لٽيرن ۽ منشيات فروشن کي رعايت نه ڏني ويندي.” پوليس جو هدف شهرين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ڏوهارين خلاف بنا ڪنهن رعايت جي ڪارروائي ڪرڻ آهي.