اتفاق راءِ سان بلاول سمون صدر ۽ محمد عمر سرائي سينيئر نائب صدر چونڊجي ويا
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي سال 2026 لاءِ عهديدارن جي چونڊ اتفاقِ راءِ سان مڪمل ڪئي وئي. چونڊ اجلاس خوشگوار ۽ جمهوري ماحول ۾ ٿيو، جتي سڀني ميمبرن نئين قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. چونڊ موجب بلاول سمون صدر، محمد عمر سرائي سينيئر نائب صدر چونڊيا ويا، جڏهن ته نائب صدرن ۾ عبيدالله جماري، مجاهد واريو، ممتاز علي سمون، ممتاز علي سميجو ۽ عدنان سمون شامل آهن. اقليتي ونگ جي نائب صدر طور نقاش مسيح کي چونڊيو ويو. اي بي شورو جنرل سيڪريٽري، عبدالرشيد سولنگي جوائنٽ سيڪريٽري، رحيمداد چانڊيو ڊپٽي سيڪريٽري، بلاول ٻاٻڙو خزانچي، منظور پالاري پريس سيڪريٽري ۽ زاهد امير جوکيو آفيس سيڪريٽري چونڊيا ويا. جڏھن ته ڪاروباري ڪميٽي جي ميمبرن ۾ عاشق علي سولنگي، حفيظ نهڙيو، ارشاد جوکيو، مختيار جان چانڊيو، خالد ڪيهر، شعيب ناريجو، شبير مانجهند ,مظهر علي ۽ محمد شفيق ڀٽي شامل آهن. ان موقعي تي صدر بلاول سمون چيو ته عوامي پريس ڪلب کي هڪ فعال، منظم ۽ پروفيشنل اداري طور اڳتي وڌايو ويندو ۽ صحافين جي مسئلن جي حل سان گڏ آزاديِ صحافت جي فروغ کي ترجيح ڏني ويندي. سينيئر نائب صدر محمد عمر سرائي ۽ جنرل سيڪريٽري اي بي شورو پڻ گڏيل، ذميوار قيادت مهيا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
0 تبصرے