هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهوٽ الطاف مهر، سندس ڀاءُ 5 ورهين جو محمد حسن ۽ رمضان مهر قتل
شڪارپور( احسان ابڙو ) شڪارپور ضلعي ۾ قبيلائي تڪرار رڪجي نه سگھيا ناحق انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو جاري گذريل ڏينھن بہ مھر - جتوئي تڪرار تان شڪارپور جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ۾ تاج سي اين جي لڳ باء پاس تي محمودا آباد جي ڪچي جي ڳوٺ عامل مھر واسي گھوٽ الطاف مھر جي ڄڃ شادي لاء جيڪب آباد جي ٺل شھر طرف وڃي رھي ھئي ته موٽر سائيڪل سوار ھٺياربندن گهوٽ جي ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني جنھنجي نتيجي ۾ 25ورهين جو الطاف پٽ غلام قادر مهر,سندس ڀاء 5ورهين جو محمد حسن مهر,30ورهين جو رمضان مهر ٿڏي تي مارجي ويا فائرنگ ۾ گهوٽ جي امڙ شديد زخمي ٿي پئي آهي واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پھچي فوتين جا لاش ۽ زخمي عورتن کي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جڏھن ته آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو
0 تبصرے