English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: سهراب ڳوٺ ويجهو گهر مان عورت ۽ ٽن معصوم ٻارڙن جا ڦاهو لڳل لاش هٿ
92 views
|
28th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
صوبائي گهرو وزير پاران واقعي جو نوٽيس
ڪراچي (اعجاز چانڊيو)سهراب ڳوٺ ويجهو گهر مان ٽي ٻارن ۽ هڪ عورت جو لاش برآمد، واقعي تي سنڌ سرڪار جو سخت نوٽيس تفصيل موجب سهراب ڳوٺ گنامنڊي جي ڀرسان هڪ گهر مان ٽي ٻارن ۽ هڪ عورت جا لاش مليا آهن، جن کي ابتدائي طور گهريلو گهر اندر ڳچيءَ ۾ رسيون ٻڌل حالت ۾ ڏٺو ويو آهي. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف جي لهر پکڙجي وئي، جڏهن ته پوليس گهر کي سيل ڪري شواهد گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن۔ پوليس ذريعن موجب، چارئي لاش گهر جي اندر لٽڪيل حالت ۾ مليا آهن، جڏهن ته واقعي جي اصل نوعيت — قتل، يا اجتماعي خودڪشي — بابت جاچ جاري آهي۔ پوسٽ مارٽم رپورٽ کان پوءِ وڌيڪ واضح ٿيڻ جي اميد آهي۔ ھوڏانهن سنڌ جي وزير داخلہ ضيا الحسن لنجار واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ايسٽ کان فوري تفصيل طلب ڪري ورتا۔ انهن هدايت ڪئي ته "قتل جي پويان اصل حقائق سامهون يندا ۽ ملوث عناصر کي بنا دير قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو"۔ وزير داخلہ وڌيڪ چيو ته: "واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي شناخت ۽ گرفتاري کي يقيني بڻايو وڃي، متاثر خاندان کي انصاف ڏياريو ويندو ۽ تحقيقات مڪمل طور شفاف بنيادن تي ڪئي ويندي"۔ پوليس موجب فرانزڪ ۽ تفتیشي عمل جاري آهي، تنقيدي سوال اٿاريا پيا وڃن ته جيڪڏهن واقعي قتل آهي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن ۽ جيڪڏهن خودڪشي آهي ته ان جا پس منظر ڇا آهن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سهراب ڳوٺ ويجهو گهر مان عورت
0 تبصرے