شڪارپور پريس ڪلب جي اليڪشن، عبدالسلام انڙ صدر چونڊجي ويو

نائب صدر جاويد راهوجو، جنرل سيڪريٽري وحيد بروهي، جوائنٽ سيڪريٽري محمد ابراهيم بروهي کي چونڊيو ويو

شڪارپور پريس ڪلب جي اليڪشن، عبدالسلام انڙ صدر چونڊجي ويو

شڪارپور (احسان ابڙو) پريس ڪلب شڪارپور جي سال 2026 لاء چونڊجي آيل نئين باڊي جي عھديادارن صدر عبدالسلام انڙ، نائب صدر جاويد راهوجو ، جنرل سيڪريٽري وحيد بروهي ، جوائنٽ سيڪريٽري محمد ابراهيم بروهي ج، خزانچي وسيم اختر سنجراڻي ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر تي آغا محمد عيسيٰ عرف آغا اسرار پٺاڻ، ديدار علي سومرو، عارف قريشي ۽ جبران ابڙو کي بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ تي ايس ٽي پي شڪارپور جو اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيھو صحافي راشد معرفاڻي ، سول سوسائٽي اڳواڻن رياض راھوجو، نصير چنو ۽ ٻين پريس ڪلب شڪارپور پھچي نئين چونڊجي آيل باڊي عھديادارن کي گلن ۽ نوٽن جا ھار پارائي مبارڪباد ڏني وئي جتي اڳواڻن خوشيءَ جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نئين چونڊيل باڊي صحافين جي مسئلن جي حل، انھن جي فلاح بھبود ۽ آزاد صحافت جي فروغ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي۔ نئين چونڊيل عهديدارن ۽ ميمبرن شڪرانو ادا ڪندي چيو ته هو سڀني صحافين کي گڏ کڻي ھلندا ۽ مظلوم ماروئڙن جو اڳ کان وڌيڪ سگھارو آواز بڻبا