English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۽ حيدرآباد جيان دادو ۾ به صحافي ڪالوني جو قيام جلد عمل ۾ ايندو: رفيق احمد جمالي
268 views
|
25th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
صحافين جو جمهوريت جي بحالي ۽ مضبوطي لاءِ انتهائي اهم ڪردار آهي: پ پ اڳواڻ
دادو(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سردار رفيق احمد جمالي چيو آهي ته صحافين جو جمهوريت جي بحالي ۽ مضبوطي لاءِ انتهائي اهم ڪردار آهي، ڇو ته صحافي عوام جون اکيون ۽ زبان بڻجي ميڊيا ذريعي سندن آواز اقتدار جي ايوانن تائين پهچائين ٿا.هو دادو پريس ڪلب جي سال 2026–27 لاءِ نئين چونڊيل باڊي جي پروقار حلف برداري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سردار رفيق احمد جمالي اعلان ڪيو ته دادو پريس ڪلب کي سولر سسٽم فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جيان دادو ۾ پڻ صحافي ڪالوني جو قيام جلد عمل ۾ آندو ويندو.تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر صحافي صمسفر گاڏهي ۽ دادو پريس ڪلب جي صدر نظام شيخ چيو ته دادو جا قلم ڌڻي هميشه عوام سان ٿيندڙ ناانصافين، ظلمن ۽ زيادتين کي اجاگر ڪندا رهيا آهن ۽ حڪومت آڏو عوام جا بنيادي مسئلا پيش ڪندا رهندا. هنن چيو ته بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ۽ ذميوار رپورٽنگ جاري رهندي. تقريب کي اي ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي، بابن پنهور، گلڻ ڀنڊ، ولي چانڊيو، شهزاد ڀنڊ، قربان خشڪ، سيد اظهر شاهه، منظور پنهور، عبدالحڪيم جمالي، رفيق ميراڻي، راجا رفيق پنهور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رفيق احمد جمالي
ڪراچي ۽ حيدرآباد جيان دادو ۾
صحافين جو جمهوريت جي بحالي
0 تبصرے