English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايس ايس پي ٺٽو جي ٽرانسپورٽرن ۽ واپاري برادري سان اهم ملاقات
5 views
|
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٽرانسپورٽرن ۽ واپارين شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، ايس ايس پي پاران مسئلا جلد حل ڪرائڻ جي خاطري
ٺٽو(شفيق ڀٽي)ايس ايس پي ٺٽو جي ٽرانسپورٽرن ۽ واپاري برادري سان اهم ملاقات، ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ ٽرانسپورٽرن ۽ واپاري برادري جي وفد سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٽرانسپورٽرن ۽ واپارين پنهنجا مسئلا پيش ڪيا، جن تي ايس ايس پي ٺٽو مسئلن جي جلد ۽ اثرائتي حل جي خاطري ڪرائي.ايس ايس پي ٺٽو چيو ته هيوي ٽريفڪ کي مقرر ڪيل وقتن موجب شهرن مان روانگي جي اجازت ڏني ويندي، جڏهن ته ننڍين گاڏين کي اسڪول ٽائيم کان سواءِ شهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي، ته جيئن ٽريفڪ جي وهڪري کي بهتر بڻائي سگهجي.هن واپاري برادري کي هدايتون ڏيندي چيو ته پنهنجن چوڪيدارن کي سرگرم رکن ۽ پنهنجن واپاري مرڪزن جي اندر ۽ ٻاهر سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائن، جيڪي 24 ڪلاڪ بيڪ اپ سان فعال هجن.ايس ايس پي ٺٽو وڌيڪ چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت پوليس جي اولين ذميواري آهي. ضلعي ڀر ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ پوليس کي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ته جيئن ٽرانسپورٽر ۽ واپاري پرامن ماحول ۾ پنهنجو ڪاروبار جاري رکي سگهن.هن ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي هدايتن تي ضلعي ٺٽو ۾ جلد ئي اي ـ چالان سهولت سينٽر قائم ڪيو پيو وڃي. هن عوام کان اپيل ڪئي ته ٽريفڪ قانونن تي عمل ڪن ۽ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي کان پاسو ڪن.ايس ايس پي ٺٽو چيو ته ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ شاهي بازار سميت ٺٽو ۽ مڪلي شهر ۾ اضافي پوليس نفري مقرر ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته فوٽ پيٽرولنگ ۽ بائيڪ پيٽرولنگ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي. سڀني ايس ايڇ اوز ۽ پوليس پوسٽن جي انچارجن کي ڏوهن خلاف سخت ڪارروائي جون واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.ايس ايس پي ٺٽو وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪا شڪايت هجي ته هو بنا جهجهڪ سڌو سنئون مون سان رابطو ڪري، منهنجي آفيس جا دروازا عوام لاءِ هميشه کليل آهن.ان موقعي تي ٽرانسپورٽرن ۽ واپاري برادري پاران اطمينان جو اظهار ڪندي ايس ايس پي ٺٽو جو ٿورائتو پڻ ادا ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نجڪاري—هڪ فيصلو، جنهن جا اثر نسلن تائين ويندا..؟؟
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊ، عبدالسلام انڙ صدر چونڊجي ويو
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی - ماضی کے حقائق اور روشن مستقبل کی بنیاد
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی: تاریخی حقائق، مقامی محنت اور روشن مستقبل کی بنیاد
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نجڪاري—هڪ فيصلو، جنهن جا اثر نسلن تائين ويندا..؟؟
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي ھائير سيڪنڊري اسڪول ون ۾ قائدِ اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن تي تقريب
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول جي ڪاليج گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ. فائنل ۾ صوفي شاهه عنايت ڪلب هٿان بخاري ڪلب کي شڪست
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پپريءَ طرفان ثقافتي مشاعري جي عنوان هيٺ شاندار تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ايس ايس پي ٺٽو جي
0 تبصرے