ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ميمڻ ڳوٺ جي علائقي سولنگي اسٽاپ ڀرسان گوهر ميڊيڪل سينٽر ۾ ڦر جي ڪوشش دوران جوابدارن جي فائرنگ ۾ سندن ئي هڪ ساٿي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو۔پوليس موجب چار جوابدار هڪ ڪار ۾ سوار ٿي گوهر ميڊيڪل سينٽر پهتا، جن مان ٻه جوابدار اندر داخل ٿيا ۽ اتي موجود ليڊي ڊاڪٽر کي گردي جي تڪليف جو بهانو بڻائي چيڪ اپ لاءِ چيو۔ ان دوران اوچتو جوابدارن پستول ڪڍي ورتو، جنهن تي ليڊي ڊاڪٽر رڙيون ڪيون جنهن بعد جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ٻاهر ڪار ۾ موجود سندن ٻين ساٿين فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ سندن ئي ساٿي محمد عمر ولد اعظم جان جي مٿي ۾ گولي لڳي ۽ هو سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو زخم سهندي موقع تي ئي فوت ٿي ويو۔هلاڪ ٿيل جوابدار جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔ اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او ٿاڻي ميمڻ ڳوٺ پوليس نفري سميت موقع تي پهچي، علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو۔پوليس واقعي واري هنڌ تان هڪ عدد پستول، پنج زنده رائونڊ، ٻه عدد سنڌي ٽوپيون ۽ ٻه عدد جيڪٽون برآمد ڪيون آهن، جڏهن ته فرار ٿيل ٻين جوابدارن جي ڳولا جاري آهي۔پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج سميت ٻين شاهدن جي بنياد تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔
0 تبصرے