عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ٽه ڏينھن اڳ ڪنري ۾ لکين روپين جي منشيات هٿ اچڻ تي ايس ايڇ او افتخار باجوا معطل ڪرڻ بعد محمد حسين جٽ کي ايس ايڇ او ڪنري مقرر ڪري ڇڏيو، چارج سنڀالي ورتي. خبر موجب ٽه ڏينهن اڳ ڪنري ۾ سي آئي اي پوليس عمرڪوٽ ڇاپو ھڻي منشيات هٿ اچڻ واري معاملي جو ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ سختي سان نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ڪنري افتخار باجوا کي معطل ڪيو هو، جنھن بعد گذريل ڏينھن ڪنري ٿاڻي تي سب انسپيڪٽر محمد حسين جٽ کي مقرر ڪري ڇڏيو ٻنھي ايس ايڇ اوز جي معطلي ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آھن. مقرري بعد محمد حسين جٽ ڪنري ٿاڻي پھچي چارج سنڀالي ورتي آھي. ياد رهي ته ٽه ڏينهن اڳ ڪنري ويجهو ٻسٽان ۾ منشيات فروش مڪيش مالھي جي گھران ڪروڙين رپين جي منشيات هٿ آئي هئي ۽ ايس پي عمرڪوٽ پريس ڪانفرنس ڪري انڪوائري جو چيو هو. انڪوائري بعد ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ ڪنري جي ايس ايڇ او افتخار باجوا کي معطل ڪرڻ بعد حسين جٽ کي مقرر ڪيو ويو آھي.
0 تبصرے