ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بن قاسم ٿاڻي جي حد پاڪستان اسٽيل مل يارڊ لڳ جهنگ ۾ گذريل ڏينهن ڪاٺيون گڏ ڪندڙ نوجوانن تي فائرنگ واري واقعي جو معاملو داخل ڪيس سان سامهون اچي ويو آهي۔فائرنگ جي نتيجي ۾ قتل ٿيندڙ نوجوان صادق جي والد اڪبر علي چانڊيو جي فرياد تي پاڪستان اسٽيل مل جي سيڪيورٽي عملي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔داخل ڪيس موجب اسٽيل مل جي سيڪيورٽي اهلڪار وقار احمد، سيڪيورٽي آفيسر عثمان گجر ۽ جنرل مئنيجر دائود ڪياني تي قتل، ناجائز فائرنگ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن۔فريادي موجب سندس پٽ صادق ٻين نوجوانن سان گڏ روزگار خاطر جنگلي علائقي مان ڪاٺيون گڏ ڪري رهيو هو ته اوچتو اسٽيل مل جي سيڪيورٽي اهلڪارن بنا ڪنهن وارننگ جي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب صادق چانڊيو گوليون لڳڻ ڪري موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيا نوجوان جان بچائي فرار ٿي ويا۔واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته مقتول جي وارثن ۽ علائقي واسين واقعي خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو ته غريب ماڻهن کي رزق جي تلاش ۾ بي رحمي سان نشانو بڻايو ويو آهي۔مقتول جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته فائرنگ ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ غريب خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔پوليس موجب ڪيس داخل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاش کي قانوني ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي۔ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
0 تبصرے