ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ پاران ترقياتي منصوبن بابت آگاهي

جوڊيشل ڪمپليڪس عمرڪوٽ ۾ هڪ جديد اي لائبريري قائم ڪئي وئي آهي: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ پاران ترقياتي منصوبن بابت آگاهي

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان ۽ هاءِ ڪورٽ آف سنڌ جي منظوري سان منظور ٿيل ترقياتي منصوبن بابت جوڊيشل ڪمپليڪس عمرڪوٽ ۾ ميڊيا کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي هن عدالتي نظام ۾ جديد سهولتن جي فراهمي ۽ توانائي جي متبادل ذريعن جي استعمال بابت اهم قدمن کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٻڌايو ته جوڊيشل ڪمپليڪس عمرڪوٽ ۾ هڪ جديد اي لائبريري قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ ۾ اٺ عدد اسٽيل واٽر ڪولر لڳايا ويا آهن، ان کان علاوه، ضلع عمرڪوٽ جي سڀني تعلقن جي عدالتن ۾ پڻ اي لائبريري جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جتي سائلين ۽ وڪيل پنهنجي ڪيسن بابت قانوني آگاهي حاصل ڪري سگهن ٿا، ڪيسن جي تياري ڪري سگهن ٿا ۽ ٻين عدالتن ۾ آن لائن حاضري پڻ لڳائي سگهن ٿا، اي لائبريري جي ذريعي جديد قانوني معلومات تائين رسائي کي يقيني بڻايو ويو آهي، جيڪا عدالتي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، ميڊيا بريفنگ دوران هن وڌيڪ ٻڌايو ته لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان ۽ هاءِ ڪورٽ آف سنڌ جي منظوري سان ڪجهه اهم پروپوزلز پڻ منظور ڪيا ويا آهن، جن ۾ جوڊيشل ڪمپليڪس عمرڪوٽ لاءِ 6 ڪلو واٽ جو سولر سسٽم ۽ ضلع جي سڀني تعلقن جي عدالتن لاءِ پڻ 6 ڪلو واٽ جا سولر سسٽم لڳائڻ شامل آهن، انهن منصوبن جو مقصد بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ، توانائي جي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ عدالتي ڪاررواين کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکڻ آهي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالقدوس ميمڻ وڌيڪ چيو ته عورتن جي سهولت لاءِ وومين فيملي ڪورٽ کي پڻ جديد سهولتن سان آراسته ڪيو ويندو، ته جيئن عورتن کي محفوظ ۽ سهڻو عدالتي ماحول مهيا ڪري سگهجي، ھن چيو ته سولر سسٽم جي تنصيب سان نه رڳو ماحول دوست توانائي جي واڌاري ۾ مدد ملندي، پر عدالتي نظام جي ڪارڪردگي ۾ پڻ نمايان سڌارو ايندو، آخر ۾ هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته عدالتي نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ اهڙا ترقياتي منصوبا مستقبل ۾ پڻ جاري رکيا ويندا، ته جيئن سائلين ۽ وڪيلن کي وڌيڪ بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن.