شڪارپور ۾ صوبائي وزير ذوالفقار شاهه پاران کلي ڪچهري، ماڻهن شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا

شڪارپور ۾ صوبائي وزير ذوالفقار شاهه پاران کلي ڪچهري، ماڻهن شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا

شڪارپور (احسان ابڙو) سنڌ حڪومت جي هدايتن تي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاه شڪارپور پهچي کليل ڪچهري ۾عوام جا مسئلا ٻڌا ۽ جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ کليل ڪچهري ڪرڻ جو مقصد صوبي جي عوام کي پيش ايندڙ مسئلن کي سندن در تي يقيني بڻا ئڻ آهي۔ صوبائي وزير سنڌ ثقافت,سياحت سيد ذوالفقار علي شاه۔ سنڌ حڪومت جي خاص هدايتن تي عملدرآمد ڪندي پوري سنڌ اندر عوامي شڪايتن جي ان وقت ئي حل ڪرڻ لاء سنڌ صوبي جي هر ضلعي اندر کليل ڪچهري جو پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن وزيراعلا سنڌ پاران کليل ڪچهري لاء جاري ڪيل شيڊول مطابق عملدرآمد ڪندي ضلعي شڪارپور ڊپثي ڪمشنر سيڪريٽريٽ هال ۾ کليل ڪچهري رکي ويئي جنهن ۾ سنڌ جو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاه شڪارپور پهچي کليل ڪچهري جي اڳواڻي ڪئي ۔ان موقعي تي MNA شهر يار خان مهر ,صوبائي وزير امتياز احمد شيخ ,MPA آغا شهباز خان دراني, MNA عارف خان مهر , صوبائي صلاحڪار بابل خان ڀيو ,ضلعي چيئرمين ذوالفقار خان ڪماريو ,ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو , ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ , صوبائي توڙي وفاقي کاتن جي آفيسرن , ضلعي جي عام ماڻهن , سماجي اڳواڻن شهرين ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ کليل ڪچهري ۾ عوام توڙي شهرين صوبائي وزير کي پنهنجا مسئلا پيش ڪيا ۔۽درخواستون ڏنيون ان موقعي تي صوبائي وزير ڪچهري ۾ عوام جا مسئلا ٻڌا ۽ جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو آجياڻو پيش ڪيو کلي ڪچهري ۾ شهرين , صحافين ضلعي اندر امن امان , ڀتاخوري , قبائلي جهيڙن بابت مسئلا پيش ڪيا ۔ ان موقعي تي صوبائي وزير سياحت و ثقافت کليل ڪچهري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وزيراعلي سنڌ جي خصوصي هدايتن تي کليل ڪچهري رکي وئي آهي ته جيئين غريب , مسڪين, ۽ هيٺين طبقي سان واسطو رکندڙ جا بنيادي مسئلا سندن جي دروازن تي ئي حل ڪري سگهجن ۽ جيڪي ضلعي سطح تي مسئلا آهن اهي اتي ئي حل ڪيا وڃن ۽ باقي مسئلا CM سنڌ کي پيش ڪيا ويندا ۽ گذريل ڪچهرين ۾ پيش ڪيل مسئلن جو حل ٿيڻ کلي ڪچهري جي ڪاميابي آهي ان موقعي تي صحافين شڪارپور ۾ پراڻي بلڊنگن جو نشاندگي ڪرائي ۽ ٻيهر تعمير ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ان موقعي تي وزير سنڌ چيو ته پ,پ,پ, آزاد صحافت لاء هر دؤر ۾ ڪم ڪيو آهي صحافي اسان جي معاشري جو اهم ڪردار آهن