English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نيو ڇور ٿاڻي جي حد ۾ سماجي اڳواڻ تي مبينا قاتلاڻو حملو، ڀاءُ حيدرآباد ريفر
67 views
|
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ آهوري فارم وٽ مبينا حملي ۾ سماجي اڳواڻ جمشير عرف باغي سومرو ۽ سندس ڀاءُ واحد زخمي ٿي پيا
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) نيو ڇور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ آهوري فارم وٽ انساني حقن جي تنظيم جي سماجي اڳواڻ جمشير عرف باغي سومرو ۽ سندس ڀاءُ واحد سومرو تي مبينا طور هٿياربند ماڻهن وحشياڻو حملو ڪري کين سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ واحد سومرو کي دماغي ڌڪ لڳڻ سبب ڳڻتيءَ واري حالت ۾ سول اسپتال عمرڪوٽ مان حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي، خبر موجب سماجي اڳواڻ جمشير سومرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار خان محمد ، محمد علي، عيسو ۽ لطيف پاتو راڄڙ شراب پي گار گند ڪري رهيا هئا، جنهن کان روڪڻ تي جوابدارن کيس ۽ سندس ڀاءُ واحد سومرو تي قاتلاڻو حملو ڪيو، تشدد ڪري رتورت ڪري ڇڏيو، سماجي اڳواڻ وڌيڪَ چيو ته هن واقعي کان چار ڏينهن اڳ ئي نيو ڇور ٿاڻي تي ايس ايڇ او کي جوابدارن خلاف لکت ۾ شڪايت ڏني هئي، پر پوليس طرفان ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي، جنهن سبب جوابدارن جا حوصلا وڌي ويا ۽ آخرڪار اهڙو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، واقعي کانپوءِ زخمين کي سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو ويو، جتي واحد سومرو جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي، جمشير عرف باغي سومرو چيو آهي ته اسپتال مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ هو جوابدارن خلاف نيو ڇور ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائيندو ۽ اعليٰ اختيارين کان انصاف جي گهر ڪندو، علائقي ۾ واقعي کانپوءِ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي، جڏهن ته سماجي حلقن پوليس جي لاپرواهي خلاف سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
بحريا ٽائون انتظاميه جي ڪارروائي، فليٽن آڏو گذرندڙ ٻڪرين کي پڪڙي ورتو
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير جون چونڊون، سيد سجاد علي شاھ صدر چونڊجي ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ايم ظفر تڳر جي مان ۾ آجياڻو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نيو ڇور ٿاڻي جي حد ۾ س
0 تبصرے