English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جمھوريت جي نالي ۾ پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام سان غداري ڪئي وئي آهي: ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو
230 views
|
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
اسلام آباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قومي مشاورتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو چيو جمھوريت جي نالي ۾ پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام سان غداري ڪئي وئي آهي. شفاف چونڊون ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگھن ٿيون. سنڌ کي ورھائڻ جي ڳالھ پاڪسٿان کي ٽوڙڻ جي سازش آھي. عالمي سامراجي طاقتون پاڪستان کي ٽوڙي نئون اسرائيل بنائڻ چاھين ٿيون. جيڪو بہ نئين صوبي جي ڳالھ ڪري ٿو اھو انھي سازش جو حصو آھي. ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي اسان کي پنھنجي وطن سان سڀني کان وڌيڪ پيار آھي. سنڌ پاڪستان جي خلقڪيندڙ آھي. سنڌ اسان جي آھي. سنڌ جي وحدت تي ڪو بہ وار برداشت نہ ڪنداسين. مظھر راھوجو چيو تہ 26ھين ۽ 27ھين ترميم جمھوريت، عدليہ، اظھار جي آزادي ۽ انساني حقن تي راتاهو آھي. 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبا آھن. افغانين سميت سمورن اليگل اميگرينٽس کي واپس موڪليو وڃي. پاڪستان کي برابري واري جمھوريت گھرجي. اقتداري مفادن خاطر سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي. حڪومتون تبديل ٿين ٿيون پر سنڌ لاءِ پاليسي تبديل نٿي ڪئي وڃي. آئي ايم ايف جون معاشي پاليسي عوام دشمن آھن. مھانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. مظھر راھوجو چيو تہ زبردستي مسلط ڪيل ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو آهي. ھن وقت ملڪ ۾ آمريت قائم آهي. ملڪ ۾ عدليه، پارليامينٽ، ميڊيا ۽ اظهار جي آزادي کي مفلوج بڻايو ويو آهي. انساني حقن جي تقدس کي پئمال ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي 25 ڪرڙو عوام جي مسئلن جو حل ايماندار، منصفاڻي ۽ جمھوري وفاق ۾ آهي. مظھر راھوجو چيو تہ 73ع جي آئين ۾ هڪڙا مليل حق آهن ۽ هڪڙا کسيل حق آهن. مليل حقن لاءِ اسان هميشہ جدوجهد ۽ آواز بلند ڪندا رهيا آهيون. انهن مليل حقن جي جڏهن طاقت ايندي تہ اُهي کسيل حق بہ اسين آئين ۾ ترميمون ڪري ماڻي وٺنداسون. مظھر راھوجو چيو تہ پوليس پوليٽيسائز ٿي وئي آهي، ان جي ذريعي هو ماڻهن کي ڪنٽرول ڪيو ويٺا آهن. اهي ڊرگس جو ڪاروبار پيا ڪن، ايم- اين- ايز ۽ ايم- پي- ايز انهن جي سرپرستي پيا ڪن. موجوده حڪمران ڪوڙي جمھوريت جا دعويدار آھن، ھي ملڪ ۾ بادشاھت چاھين ٿا۔ جنھن ۾ پاڪستان جو عوام غلام ھجي۔ بيورو ڪريسي ۽ ادارا ھنن جي حڪمن جا محتاج ۽ اشارن تي فقط ھنن جي مرضي وارا ڪم ڪندا رھن۔ ھنن لاء قانون جي حڪمراني، انصاف، برابري، انساني حق ۽ ميرٽ فقط تقريرن ۽ ڪتابن ۾ سٺا آهن. مظھر راھوجو چيو تہ پاڪستان ۾ ھڪ مخصوص ٽولو ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي اچڻ نٿو ڏئي. ھنن سدائين سنڌ سميت ملڪ کي نقصان ڏنو آھي. انھن جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ انتھائي بحران جي وڙ چڙهي ويو آهي. ملڪ کي ٽڪراءَ ۽ انتشار واريون پاليسيون تباھي کانسواءِ ڪجھ بہ نٿيون ڏئي سگھن.مظھر راھوجو چيو تہ ايندڙ وقت وڌيڪ ملڪ لاءِ ڏکيو آھي. پنھنجي آزاد خودمختيار پاليسيون جوڙي اڳتي وڌڻو پوندو. ٻاھرين ڊڪٽيشن کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ سان اسين ٻين ملڪن کان پوئتي آھيون. سنڌ جي زرعي معيشت جي تباھي جي ذميوار وفاق ۽ سنڌ حڪومت آھي. زرعي معيشت جي تباھي جي ڪري لکين خاندان غربت ۽ بيروزگاري جو شڪار آھن. مظھر راھوجو چيو تہ ملڪ کي ٻاھرين ڊڪٽيشن تي ھلائڻ ڪري اسان جون پاليسيون آزاد، خودمختيار ۽ عوام دوست ناھن. آئي ايم ايف پنھنجن مفادن واريون پاليسيون جوڙين ٿا ۽ پاڪستان کي بحرانن جي ڪن ۾ اڇلائي رھيا آھن. قومي عوامي تحريڪ جو اعلي سطحي وفد مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قومي مشاورتي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. وفد ۾ مرڪزي ترجمان اشرف پليجو، شوڪت تنيو، ايڊووڪيٽ مير کوسو،پنھل سولنگي، ياسر جاکرو شامل آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
v
ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو
0 تبصرے