متاثرن کي کليل آسمان هيٺ ڏسي دل ڏکوئيل آهي، فوري طور متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏنا ويندا: راجا رزاق بلوچ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪجهه ڏينهن اڳ رزاق آباد ۾ گهرن کي باهه لڳڻ واري افسوسناڪ واقعي تي عوامي پريس ڪلب ملير جي نشاندهي کانپوءِ علائقي جو ايم پي اي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ملير جو صدر راجا رزاق بلوچ متاثر خاندانن وٽ پهچي ساڻس ڏک جو اظهار ڪيو ان موقعي تي سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاهه، پيپلزپارٽي جو مقامي اڳواڻ اختر عارفاڻي سميت ٻيا سياسي ۽ سماجي شخصيتون به ساڻس گڏ هيون. دوري دوران ايم پي اي راجا رزاق بلوچ متاثرن سان ملاقات ڪئي، سندن ڏکن دردن کي ويجهو کان ڏٺو ۽ فوري طور تي ڪچا گهر اڏائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو راجا رزاق بلوچ ڊي سي ملير سان پڻ رابطو ڪري متاثر خاندانن جي مدد لاءِ ترت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته غريب ماڻهن جا گهر سڙڻ ۽ عورتن سميت معصوم ٻارن کي کليل آسمان هيٺان بي يارو مددگار ويٺل ڏسي دل ڏکويل آهي هن عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين جي فرض شناس صحافت کي ساراهيندي چيو ته بروقت نشاندهي سبب مسئلو اعليٰ سطح تي پهتو ۽ متاثرن جي مدد ممڪن ٿي. ايم پي اي وڌيڪ چيو ته متاثر خاندانن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي ۽ کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.
0 تبصرے