مير منظور خان پنھور جي پٽ وڏيري ذوالفقار سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي
ٺٽو(شفيق ڀٽي)سردار مير منظور خان پنھور جي فرزند، سردار مير ذوهيب خان پنھور، مڪلي ۾ وڏيرو ذوالفقار پنھور جي والد جي فاتحي ۾ شرڪت ڪئي. هن ان موقعي تي سوڳوار خاندان سان دلي همدردي، ڏک ۽ غم ۾ شريڪ ٿيڻ جو اظهار ڪيو.فاتحي دوران سردار مير ذوهيب خان پنھور چيو ته هو پنهنجي والد مرحوم سردار مير منظور خان پنھور جي روايتن ۽ اصولن تي عمل ڪندي، هر انسان سان ڏک ۽ سُک ۾ گڏ بيهڻ کي پنهنجو سماجي ۽ اخلاقي فرض سمجهي ٿو. هن چيو ته سندس والد هميشه انسان ذات جي بي لوث خدمت، اتحاد ۽ ڀائيچاري کي اوليت ڏني.سردار مير ذوهيب خان پنھور وڌيڪ چيو ته، انشاءَالله، جيستائين رب پاڪ حياتي عطا ڪندو، هو پنھور برادري سميت هر طبقي جي ماڻهن سان گڏ بيهندي، خدمتِ خلق ۽ سماجي ڀلائي جو سلسلو جاري رکندو.هن موقعي تي موجود معززن سوڳوار خاندان لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي ۽ مرحوم جي درجات جي بلندي لاءِ پڻ دعا ڪئي
0 تبصرے