اڳ جيڪا عمران جي انٽري هئي اها سياسي انٽري نه هئي هن کي جن آندو هو اهي هن کي واڙيون ويٺا آهن
سجاول (رپورٽر) عمران خان جيل مان هاڻي نڪري پوءِ جي هن انٽري ڪئي ته هن جي پهرئين اها سياسي انٽري هوندي، هن کان اڳ جيڪا هن جي انٽري هئي اها سياسي انٽري نه هئي هن کي جن آندو هو اهي هن کي واڙيو ويٺا آهن، ان جي ڪري عوامي سياست ۾ ۽ لٺ جي سياست ۾ فرق هوندو آهي، جي يو آئي جو اهو موقف واضح آهي ته انتقامي بنيادن تي ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار جي يو آئي جي سربراهه راشد محمود سومرو ميرپور بٺورو ۾ مولوي طفيل احمد کٽي جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي هن چيو ته انتقامي ڪارروائي نواز شريف، شهباز شريف ،۽ مريم نواز جي خلاف ڪارروائي ٿي ته جي يو آئي ان جي مخالفت ڪئي، انتقامي ڪارروائي آصف علي زرداري، فريال ٽالپر خلاف ٿي ته جي يو آئي مخالفت ڪئي اڄ جيڪڏهن عمران خان نيازي جي خلاف انتقامي ڪارروائي پئي ٿي ته جي يو آئي ان جي مخالفت ڪري ٿي، جي يو آئي جو هڪڙو مطالبو آهي ته ٻيهر هڪڙو آپريشن ٿئي صاف شفاف تحقيقات ٿئي ستر سالن کان ملڪ ڦريندڙ لٽيندڙن عوام جو رت چوسيندڙن کي ٽياس تي ٽنگيو وڃي چاهي اهو ڪهڙو به حڪمران هجي بي رحماڻون ان جي خلاف آپريشن ڪيو وڃي، پيپلزپارٽي وڏيرن سردارن ڀوتارن جي جماعت آهي جي يو آئي جو مقابلو سردارن ڀوتارن خانن سان آهي ڪنهن غريب سان ناهي، حڪومت وٽ شايد ڪجه آهي ڪونه عوام کي ڏيکارڻ لاءِ پوءِ هي سنڌ ڪارڊ ٿا کيڏن ۽ ايم ڪيو ايم وارا اندروني سنڌ ۽ ڪراچي کي تقسيم ڪري مهاجر ڪارڊ ٿا کيڏن ،هو ڪراچي کي الڳ صوبو ڪرڻ جي ڳالھ ٿا ڪن هي مرويسو مرويسو سنڌ نه ڏيسون ڊرامو ٿا رچائن صرف ان لاءِ ته پنهنجي سياست بچائي سگهون، ليڪن جيڪڏهن حقيقي طور تي اهڙي ڪا ڳالهه آهي به صحيح نه ان جي، جي يو آئي مخالفت ڪندي ڪنهن به قسم جي سنڌ تقسيم جي ڳالھ اسين نه مڃيندا سين ،منهنجي جماعت سمجهي ٿي ته صوبن ۾ رهندڙ عوام جي مرضي کان سواءِ نوان صوبا ٺاهڻ آئين جي خلاف آهي عوام جي مرضي کان سواءِ ڪي به فيصلا عوام تي نه مڙهيا وڃن، ان موقعي تي حافظ غلام قادر نظاماڻي عاشق حسين کٽي فضل الله ميمڻ ۽ ٻيا موجود ھئا
0 تبصرے