English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن معمار ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل اصغر مري جا قاتل گرفتار نه ٿيا
68 views
|
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ بابو پاتڻي واسي اصغر مري جي ٽيجهي ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جي به شرڪت
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن معمار ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙيلن ھٿان قتل ٿيل بابو پاتڻي ڳوٺ جي نوجوان اصغر علي مري جا قاتل 4 چار ڏينهن گذرڻ باوجود ظاهر نه ٿي سگھيا ، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، نوجوانن جا وارث پريشان، نوجوان جي گھرن ۾ قھرام متل، تفصيل موجب گلشن معمار ٿاڻي جي حد بابو پاتڻي ڳوٺ جي نوجوان کي 4 ڏينهن اڳ ڏينهن ڏٺي جو ڦورو ٽولي ڦر ڪندي مزاحمت گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ، گلشن معمار ٿاڻي جي حد پوليس اڃا تائين قاتل گرفتار نه ڪري سگهي ،شھيد نوجوان جي ٽيجھي تي سندس والد حاجي بجار خان مري، حاجي منشي مري، ڳوٺ جي چڱي مڙس اصغر پاتڻي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳوڻي ڊويزن صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي ٻھراڙي واري پرامن ڳوٺ ۾ ڌاريا اچي ڏوھ ڪري ھليا وڃن ٿا، انھن چيو ته اسان جي نوجوان جا قاتل افغاني پٺاڻ لڳي رھيا ھئا، انھن چيو ته اسان جي نوجوان کي سري عام ڏينهن ڏٺي جو گوليون ھڻي قتل ڪري ھليا ويا، انھن چيو ته اسان آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرس، ايس ايس پي اولھ کان مطالبو ڪيون ٿا ته نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قتل ٿيل اصغر مر
ملير: گلشن معمار ٿاڻي جي
گلشن معمار ٿاڻي جي
0 تبصرے