English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سيوهڻ ڊويلپمينٽ اٿارٽي ڄامشورو جا ملازم پگهارون نه ملڻ خلاف سراپا احتجاج
71 views
|
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڄامشورو (رپورٽر) سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ڄامشورو جا سوين ملازم ڪيترن ئي مهينن کان پگهارن کان محروم، ايس ڊي اي، سي بي اي ورڪرز يونين پاران ڄامشوري ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي.سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ڄامشورو جي متاثر ملازمن مزدور يونين جي اڳواڻن زوهيب فقير، محمد رجب بجاري، آصف خاصخيلي ۽ غلام شبير بونگ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ۽ پگهارن جي ادائيگي جي حق ۾ نعرا هنيا.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان کين پگهارون نه ملي رهيون آهن، جنهنڪري سندن گهر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ڊي جي ايس ڊي اي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ان کان اڳ هنن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو پڻ هنيو هو، جنهن بعد ڊي جي ايس ڊي اي علي گل سنجراڻي احتجاجي ڪيمپ تي پهچي سمورام مطالبا تسليم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي، پر ڪافي وقت گذرڻ باوجود ملازم پنهنجي پگهارن کان محروم آهن.هنن مطالبو ڪيو ته سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ڄامشورو جي ملازمن کي فوري طور سموريون پگهارون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
31st Jan 2026
•
تازہ ترین
کراچی بدامنی کی لپیٹ میں، شہر سب سے زیادہ غیر محفوظ ہو چکا ہے: امیرِ جماعتِ اسلامی
31st Jan 2026
•
دنیا
ایران کے شہر بندر عباس میں زوردار دھماکا، آٹھ منزلہ عمارت کے دو فلور زمین بوس
31st Jan 2026
•
شوبز
خاقان شاہنواز اور سبینہ سید رشتۂ ازدواج میں منسلک، نکاح کی تصاویر وائرل
31st Jan 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں دہشتگردی کو کاری ضرب، سیکیورٹی فورسز کا فیصلہ کن ردِعمل، 108 دہشتگرد ہلاک، 10 جوان شہید
31st Jan 2026
•
تازہ ترین
کراچی بدامنی کی لپیٹ میں، شہر سب سے زیادہ غیر محفوظ ہو چکا ہے: امیرِ جماعتِ اسلامی
31st Jan 2026
•
دنیا
ایران کے شہر بندر عباس میں زوردار دھماکا، آٹھ منزلہ عمارت کے دو فلور زمین بوس
31st Jan 2026
•
شوبز
خاقان شاہنواز اور سبینہ سید رشتۂ ازدواج میں منسلک، نکاح کی تصاویر وائرل
31st Jan 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں دہشتگردی کو کاری ضرب، سیکیورٹی فورسز کا فیصلہ کن ردِعمل، 108 دہشتگرد ہلاک، 10 جوان شہید
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سيوهڻ ڊويلپمينٽ اٿارٽي ڄامشورو
0 تبصرے