ڏوڪري جي سيپڪو آفيس ۾ بجلي صارفين جي مسئلن جي حل لاءِ کلي ڪچهري

کلي ڪچهري دوران سپريٽنڊنٽ انجنيئر آڏو بجلي صارفين شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا

ڏوڪري جي سيپڪو آفيس ۾ بجلي صارفين جي مسئلن جي حل لاءِ کلي ڪچهري

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) سيپڪو آفيس ڏوڪري ۾ بجلي صارفين جي مسئلن جي حل لاءِ سپريٽنڊنٽ انجنيئر جي کلي ڪچهري،بجلي صارفین عملدارن آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. تفصيل موجب سيپڪو جي سپريٽنڊنٽ انجنيئر لاڙڪاڻو مشتاق حسین بڙدي، ايڪسيئين انجنيئر خليل احمد چانڊيو، سيپڪو روينيو آفيسر اعجاز علي ڪنڀر، انچارج ايس ڊي او سيپڪو ڏوڪري اختيار سوهو پاران بجلي صارفين جي بلن، اوور ريڊنگ، ڊڊڪشن بلن ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ سيپڪو آفيس ڏوڪري ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ بجلي صارفين پنهنجا مسئلا انتظاميا آڏو پيش ڪيا، کلي ڪچهري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سپريٽنڊنٽ انجنيئر مشتاق حسين بڙدي، ايڪسيئين خليل احمد چانڊيو چيو ته سيپڪو جي سي اي او اعجاز احمد چنا جي هدايتن تي عمل ڪندي بجلي صارفين جي مسئلن لاءِ کليل ڪچهريون منعقد ڪري رهيا آهيون ته جيئن بجلي صارفين جا مسئلا سندن درن تي حل ڪري سگهجن، هنن چيو ته اڄ سيپڪو آفيس ڏوڪري ۾ 225 بجلي صارفين جا مسئلا حل ڪيا آهن، جنھن ۾ صارفين جا بجليءَ جي بلن جي مد ۾ چار لک ڏھ ھزار روپيا جمع ٿيا آهن، جڏهن ته کلي ڪچهري دوران ايس اي لاڙڪاڻو موقعي تي پنجتهر هزار رپيا معاف ڪيا ويا آهن، هن چيو ته سيپڪو صارفين کي گهرجي ته هو واپڊا اهلڪارن سان سهڪار ڪن ۽ پنهنجا بجليءَ جا بل وقت سر جمع ڪرائن، ان دوران حبدار علي ڀنڊ، قاضي ڪرم الله، غلام فاروق جوڻيجو، عبدالقدير جوڻيجو، نديم پيرزادو، شوڪت جوڻيجو، ياسين جوڻيجو سميت ٻيا موجود هئا.