2مهينا اڳ پوليس پٽ عبدالستار کي گهران کنڀي قتل ڪيو: هوران کوسو
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ يعقوب تنيه جي رهواسي عورتن جو پوليس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ويو مسمات هوران کوسو ، رضيا ۽ حاڪمزادي کوسو جي اڳواڻي ۾ ميڊيا احتجاج ڪيو ان موقعي تي مسمات هوران کوسو صحافين کي ٻڌايو ته 2 مهينا اڳ جلال جي چودگي وٽ ڪوڙي پوليس مقابلي منهنجي هڪ پٽ عبدالستار کوسو کي رات جي وقت گهران کڻي ماري ڇڏيو جنهن کان پوءِ اسان پوليس جي ڊپ کان ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ ڳاڙهو ۾ لڏي وياسين ته پوليس اتان وري منهنجي ٻن پٽن علي شير کوسو ۽ گل حسن کوسو کي کنڀي کڻي آئي آهي هن چيو ته حيدرآباد، نوابشاه ۽ نوشھروفيروز پوليس گهرن ۾ گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن مان پٽ علي شير کوسو جي نوشهروفيروز پوليس گرفتاري ظاهر ڪئي آهي پر ٻئي پٽ گل حسن کوسو کي گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪي بيگناھ آهن هن چيو ته ٽي پٽ هيا جن مان پوليس هڪ کي ماري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ٻن کي گرفتار ڪري وئي ايس ايس پي نوشھروفيروز روحل خان کوسو سان ملياسين جنهن کان پوءِ علي شير کي ظاهر ڪيو ويو باقي گل حسن کي ظاهر نه ٿي ڪري جيڪا وڏي زيادتي آهي هن وڌيڪ چيو ته ڦل ٿاڻي جو اي ايس آءِ شفيع محمد ملاح ۽ ايس آء پي حميد جاگيراڻي وارن منهنجي پٽن تي ڪوڙا پوليس سان مقابلي جا ڪيس داخل ڪيا آهن هن مطالبو ڪيو ته پٽ گل حسن کوسو کي ظاهر ڪري انصاف ڪيو وڃي
0 تبصرے