ڊي سي محمد ارسلان سليم پوليو مهم جي انتطامن جو جائزو ورتو
نوشهروفيروز(ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز جو سول اسپتال جو دورو، اڄ کان جاري قومي انسدادِ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو ورتو خبر موجب اڄ کان جاري قومي انسدادِ پوليو مهم جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم سول اسپتال نوشهروفيروز جو دورو ڪيو، جتي هن پوليو مهم ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن جي تيارين، تعناتين ۽ انتظامي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر II عبد الوحيد ڪلهوڙو پڻ ساڻس گڏ موجود هو۔ ڊپٽي ڪمشنراڄ صبح جي اسيمبلي ۾ شرڪت ڪرڻ بعد يو سي سپورٽ ٽيم، فيلڊ ۽ فڪسڊ پوائنٽ ٽيمن سميت سپروائزرن سان ملاقات ڪئي ۽ فيلڊ ۾ ٽيمن جي تعيناتي، ويڪسين ۽ ٻين لاجسٽڪ سهولتن جي دستيابي سان گڏ ڪوآرڊينيشن جي نظام جو به جائزو ورتو. هن چيو ته پوليو مهم دوران سڀئي ٽيمون مقرر ڪيل شيڊيول موجب پنهنجون ذميواريون ادا ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ ٻارن تائين رسائي کي يقيني بڻائي سگهجي۔ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم ٽيمن سان ڳالهائيندي واضع ڪيو ته پنجن سالن کان گهٽ عمر جو ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهڻ گهرجي. هن زور ڏنو ته بند گهرن ۽ انڪار ڪندڙ والدين تي هدايتن موجب ٻيهر انھن وٽ وڃڻ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن مهم جا مڪمل هدف حاصل ڪري سگهن۔ هن چيو ته پوليو جو خاتمو قومي ذميواري آهي ۽ ان مقصد لاءِ ٽيم ورڪ، فرض شناسي ۽ عوامي سهڪار انتهائي ضروري آهي. ڊپٽي ڪمشنر پوليو ٽيمن کي هدايت ڪئي ته والدين ۽ سرپرستن سان شائسته ۽ اثرائتي انداز ۾ رابطو رکن ۽ مهم دوران حفاظتي ۽ صفائي جي اصولن تي سختي سان عمل ڪن۔ ان موقعي تي هن تعلقه سپروائزرن کي به هدايت ڪئي ته هو فيلڊ ۾ ٽيمن جي ڪارڪردگي تي ڪڙي نظر رکن ۽ ڪنهن به کوٽ يا مسئلي جي صورت ۾ فوري طور لاڳاپيل عملدارن کي آگاهه ڪن. ڊپٽي ڪمشنر عوام کان اپيل ڪئي ته هو پوليو ٽيمن سان مڪمل سهڪار ڪن ته جيئن ضلعي نوشهروفيروز کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ جو هدف حاصل ڪري سگهجي۔
0 تبصرے