2021 ۾ گهر تي حملو ڪيو ويو، بعد ۾ ڪارنهن تڪرار تان ٿيل قتل ۾ ڦاسايو ويو: ڪبره چانگ
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ضلع خيرپور ميرس ، پڪا چانگ جي نياڻي ڪبره چانگ ڪراچي ۾ دربدر، ڀاءُ جيل ۾ گھرن زمينن تي قبضو، اغوا ٿيڻ جو خطرو پوليس رشوت عيوض ملزمن سان ٻٽ بڻيل، آعلی اختيارين کان مدد جي اپيل ،تفصيل موجب ضلع خيرپور ميرس پڪا چانگ جي نياڻي ڪبره چانگ ڪراچي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي ٻڌايو ته اسان جو پنھنجي برادري سان رشتي جي مسئلي تي 2021 ۾ تقرار ٿيو ھو جنهن ڪري ملزم خان محمد، احمد علي، عبدالحفيظ، لياقت علي حضور بخش، عبدالغفور، محمد حسين، مير، الاهي بخش، ڌڻي بخش ذات جا سڀئي چانگ، اسان جي گھرن ۾ گھڙي حملو ڪري اسان مرد عورتن کي ڌڪ ھڻي سخت زخمي ڪري ھليا ويا، اسان جڏهن اسپتال جا سرٽيفڪيٽ کڻي حد جي پڪا چانگ ٿاڻي تي ويا سين ته پوليس ملزمن کان ڀاري رشوت وٺي اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏيئي ڇڏيو، ان وڌيڪ ٻڌايو ته مخالف ڌر جو عاطف چانگ نالي ھڪڙو ماڻهو ڪنهن پنهنجي ذاتي ڪارو ڪاري جي مسئلي ۾ 21- 11- 2024 تي قتل ٿيو، جنهن جي قتل جو اسان کي ڪا خبر ڪونهي، ان جي خون ڪيس ۾ منهنجي ڀائرن رسول بخش چانگ، عبدالرزاق چانگ کي ناحق ڦاسايو ويو، جنهن ڪيس ۾ ھڪ سال کان مٿي ٿيو منهنجو ڀاءُ رسول بخش ناحق جيل ۾ پيو آهي، ان چيو ته عاطف چانگ جو ڀاءُ ڪاشف چانگ وڪيل آهي جنھن ڪري ان کي سياسي پشت پناھي حاصل آهي، ان وڌيڪ الزام ھڻندي چيو ته جڏهن آءُ پنهنجي ڀائرن جي مدد لاءِ اڪيلي نياڻي نڪتي آھيان ته ھيئنر ملزمان مون کي خون جي ڪيس ۾ ڦاسائڻ لاءِ سوشل ميڊيا ۾ بدنام ڪري رھيا آھن، ان چيو ته منهنجو ڏوھ صرف اھو آھي ته آءُ پنهنجي خاندان ۾ اڪيلي پڙھيل لکيل نياڻي آهيان ان ڪري ھو مون کي اغوا ڪرڻ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، ان چيو ته آءُ وزير اعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرس، ايس ايس پي خيرپور ميرس، کي اپيل ڪيان ٿي ته انڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب سامهون بک هڙتال تي ويھندس،
0 تبصرے