English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سرسو سکر جو مطالعاتي دورو
217 views
|
23rd May 2023
•
سنڌي خبرون
پرو وائيس چانسلر جي هدايت تي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران دورو ڪيو ويو
لاڙڪاڻو(بيورو)سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو جي ڪميپوٽر سائنس جي بئچ 2k22 سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) جي هيڊ آفيس سکر جو مطالعاتي دورو ڪيو، ان سلسلي ۾ پي آر او عاطف رفيق سمون جي جاري ڪيل بيان موجب سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جي هدايت تي ايس يو سي ايل فيڪلٽي ميمبر علي مصطفيٰ ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي دانش، ارم، نعيم سميت ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين سرسو سکر هيڊ آفيس جي ايڇ آر ڊپارٽمينٽ جو مطالعاتي دورو ڪيو، ان موقعي تي سرسو سکر جي HR مئنيجر شازيه احمد لاڙڪ وفد جي آجيان ڪئي ۽ HR ڊپارٽمينٽ ۾ هلندڙ ڍانچي، تنظيم، انتظام، فنڪشن، آپريشن ۽ سرگرمين بابت آگاهي ڏني. ان دوران شاگردن مخلتف سوال ڪيا ۽ SRSO HR ڊپارٽمينٽ جي پيشي وراڻي ڪم بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان سلسلي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو چوڻ هو ته مطالعتي دوري دوران تمام گهڻو مزو آيو، سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس طرفان اهڙا اسٽڊي ٽوئر ڪرائڻ گهرجن، جيئن ته اسان جي ڄاڻ ۾ اضاف ٿي سگهي. هنن چيو ته سرسو جي جي نظرياتي ڄاڻ مارڪيٽ ۾ عملي صلاحيتن سان مالا مال ڪيو جيڪا پيشه وراڻي ترقي لاءِ گهربل آهي. هوڏانهن شاگردن ۽ شاگردياڻين سکر جي مشهور سياحتي هنڌن جو دورو پڻ ڪيو، جن ۾ ساد ٻيلو ۽ لينز ڊائون پل شامل آهن. پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جو چوڻ آهي ته تعليمي سرگرمين سان گڏ تفريحي سرگرميون پڻ ضروري آهن ان سان شاگردن ۾ اتساهه پيدا ٿئي ٿو ۽ کين سکڻ جا نوا دڳ ملن ٿا، هو مايوسيءَ جو شڪار ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻ تي زور ڏين ٿا. هن چيو ته تعليمي سرگرمين کي سماجي ثقافتي ڍانچي سان ملائي بهتر ماحول ٺاهي سگهجي ٿو، خوشين کي حصيداري ڪرڻ ۽ تجربو ڪرڻ لاءِ ۽ انهن سڀني رنگن توڙي سفر تمام وڏي ڪاميابي طرف اهم قدم هوندا آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بهترين ماحول مهيا پئي ڪري جيئن هو بهتر نموني سان معاشري ۾ زندگي گذاري سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ يونيورسٽي
ڪئمپس لاڙڪاڻو
شاگردن ۽ شاگردياڻين
SRSO
0 تبصرے