English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص پاران ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي دارالامان موڪلڻ غيرقانوني قرار
122 views
|
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عدالت وڪيل ڀورا لعل ڀيل جي درخواست تي عمرڪوٽ ۾ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ميرپورخاص هاءِ ڪورٽ ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي تحفظ بابت هڪ اهم ۽ تاريخي فيصلو جاري ڪندي سنڌ حڪومت کي سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، وڪيل ڀورا لعل ڀيل طرفان لالا ڀيل ذريعي داخل ڪيل پٽيشن ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو هو ته چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2013 تحت نابالغ ڇوڪرين کي دارالامان موڪلڻ غيرقانوني عمل آهي، ڇاڪاڻ تہ دارالامان جو ماحول بالغ عورتن لاءِ هوندو آهي، جيڪو ننڍي عمر جي ڇوڪرين لاءِ نه مناسب آهي ۽ نه ئي محفوظ، پٽيشن ۾ وڌيڪَ مؤقف اختيار ڪيو ويو ته عمرڪوٽ ۾ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ / شيلٽر هوم نه هجڻ سبب ننڍي عمر جون ڇوڪريون غلط طور دارالامان منتقل ڪيون وڃن ٿيون، جيڪو سندن حقن، تحفظ ۽ نفسياتي فلاح جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، ڊبل بينچ، جنهن جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ۽ جسٽس ريازت علي ساھڙ تي مشتمل هو، پٽيشن تي فيصلو جاري ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم ڏنو آهي ته ڇهن مهينن اندر عمرڪوٽ ۾ مڪمل فنڪشنل چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ / شيلٽر هوم قائم ڪيو وڃي، نابالغ ڇوڪرين کي دارالامان موڪلڻ جو عمل فوري طور بند ڪيو وڃي، قانوني حلقن مطابق، هي فيصلو معصوم ڇوڪرين جي تحفظ لاءِ هڪ وڏو قدم آهي، جيڪو مستقبل ۾ اهڙي نوعيت جي غيرقانوني ڪاررواين کي روڪڻ جو سبب بڻجندو، عدالتي ڪارروائي دوران سول جج عمرڪوٽ محترم منير احمد جگسي پڻ مشابهت رکندڙ ريمارڪس ڏيندي ان مسئلي جي سنگيني تي روشني وڌي هئي، جنهن کي هاءِ ڪورٽ هاڻي عملي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Apr 2026
•
شوبز
فلم کی شوٹنگ کے دوران بعض رومانوی اور بولڈ مناظر فلمانا جسمانی اور ذہنی طور پر مشکل تھا۔ ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
شوبز
عریاں اور رومانوی مناظر کی شوٹنگ مشکل تھی، اداکارہ ايملی کا اعتراف
02nd Apr 2026
•
شوبز
ہالی ووڈ اداکارہ کو سیکسی سین کی شوٹنگ کے دوران مشکلات کا سامنا
02nd Apr 2026
•
شوبز
ماضی میں فلموں میں بولڈ کردار ادا کرنا آسان فیصلہ نہیں ہوتا تھا۔ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو: صحافي شان ڏهر جي قتل ڪيس جو جوابدار 12 سالن بعد گرفتار
02nd Apr 2026
•
شوبز
فلم کی شوٹنگ کے دوران بعض رومانوی اور بولڈ مناظر فلمانا جسمانی اور ذہنی طور پر مشکل تھا۔ ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
شوبز
عریاں اور رومانوی مناظر کی شوٹنگ مشکل تھی، اداکارہ ايملی کا اعتراف
02nd Apr 2026
•
شوبز
ہالی ووڈ اداکارہ کو سیکسی سین کی شوٹنگ کے دوران مشکلات کا سامنا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عدالت وڪيل ڀورا لعل ڀيل
سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص
0 تبصرے