سجاول پوليس پاران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سجاول پوليس پاران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سجاول (رپورٽر) سجاول پوليس جون صبح سوير ڏوهارين سان مقابلو ڏوھ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ۽ ٻه فرار ٿي ويا. غير قانوني اسلحو ۽ گوليون هٿ. تفصيل موجب. ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جون ڏوهن خلاف ٽارسڪ پاليسي تحت. گشت دوران ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي کي اطلاع مليو ته بٽي اسٽاپ ويجھو ٽي ڏوهاري ڏوھ جي ارادي سان اسلحي سميت بيٺا آهن جلد ئي ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي پوليس اسٽاف سان گڏ پھتو ته تہ ڏوهارين پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني ٻنھي طرفن فائرنگ ۾ پنهنجي ساٿي جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. جنھن کي طبي امداد لاء سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زخمي ڏوهاري جي سڃاڻپ علي بخش عرف بيگ ڪوچاريوملاح جي نالي سان ٿي آهي. زخمي ڏوهاري جي قبضي مان هڪ ڪارتوسي پستول ڪارتوسن سميت هٿ ڪري ورتو آهي. مفرور ڏوهارين جي گرفتاري لاء ڇاپا مار ڪاروايون جاري آهن. گرفتار ۽ مفرور ڏوهارين خلاف سجاول ٿاڻي تي ٻہ جدا جدا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. گرفتار ڏوهاري خلاف وڌيڪ تفتيش جاري آهي