English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سيهڙ ۾ هڪ ڏينهن وارو فيملي هيلٿ ميلو لڳايو ويو
252 views
|
11th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڀرپاسي جي ڳوٺن مان هڪ هزار کان مٿي مريض عورتون ۽ ٻارڙن جو علاج ڪيو ويو
ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سيهڙ ۾ پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ضلعو لاڙڪاڻو پاران هڪ ڏينهن لاء فيملي ھيلٿ ميلو لڳايو ويو ۽ آپريشن ڪري دوائون مفت فراهم ڪيون ويون.جنهن ۾ وڏي انگ ۾ هڪ هزار کان مٿي ڀرپاسي جي ڳوٺن کان مريض عورتون ۽ ٻارڙن شرڪت ڪئي. فئملي هيلٿ ميلي ۾ مختلف شعبن جي ماهر ڊاڪٽرن توڙي ڊاڪٽرياڻين مريضن کي چڪاس ڪري مفت دائون ڏنيون.جنهن ۾ ماروي اسٽوپ،پي پي ايڇ آء،پي ڊي ايف،سرسو،هينڊس،اکين جي ڪئمپ ۽فئملي پلاننگ پاران هڪ ڏينهن واري فئملي هيلٿ ميلي ۾ تعاون ڪيو.ان موقعي تي فئملي هيلٿ ميلو لڳائيندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ هيو ته ھر مهيني ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ پاپوليشن ڊپارٽمينٽ طرفان هي فئملي هيلٿ ميلو لڳايو ويندو آھي جتي غريب عورتن ٻارڙن کي بيماريون چڪاس ڪري دوائون ڏنيون وينديون آھن.هنن چيو ته غريب ماڻھون دوائون نٿا وٺي سگهن جنهن ڪري هي ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون وينديون آھن.هوڏانهن ڊاڪٽر عملي جو چوڻ هو ته ڳوٺ جو نيڪ مرد امداد خاصخيلي جن جا وڌيڪ شڪر گذار آھيون جن فيملي ھيلٿ ميلي ۾ بھترين تعاون ڪيو ۽ عزت بخشي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سيهڙ ۾ هڪ
0 تبصرے