English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي شڪارپور ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ آفيسرن سان گڏجاڻي
47 views
|
11th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور (احسان ابڙو ) صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي شڪارپور ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ پي ايس 9 شڪارپور 3 تي ٿيندڙ اليڪشن بابت اعلي آفيسرن سان گڏجاڻي. تفصيل موجب اڄ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي شڪارپور ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ پي ايس 9 شڪارپور 3 تي ٿيندڙ اليڪشن بابت اعلي آفيسرن سان گڏجاڻي. گڏجاڻي جي صدارت صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوھاڻ ڪئي. جڏھن ته عبدالواحد بلوچ ريجنل اليڪشن ڪمشنر لاڙڪاڻو/ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر پي ايس 9 شڪارپور 3 تي ٿيندڙ ضمني اليڪشن بابت بريفنگ ڏئي آگاھ ڪيو. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي ٻڌايو ته اڳ ھتان پ پ پ جي صوبائي سيٽ آغا سراج الدين خان دراني جي کٽيل ھئي ۽ ان جي فوت ٿيڻ کان بعد ھاڻي ان جو فرزند پ پ پ جو اميدوار آھي ـ مخالف اميدوار ساڳيو آھي ۽ ڪجھ ٻيا به اميدوار آهن. صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز احمد چوھاڻ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو کان اليڪشن بابت تفصيل ورتا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ٻڌايو ته پولنگ اسٽيشن تي تمام بھترين نموني سان ڪم ٿي رھيو آھي. ھن ٻڌايو ته حساس ـ انتھائي حساس پولنگس تي سي سي ٽي وي ڪميرا جو سسٽم لڳرايو ويندو جيڪو سي سي ٽي وي ڪيميرا ۾ 32 جي بي جو ڪارڊ لڳرايو ويندو جنهن جي اسٽوريج تمام بھترين آهي ۽ پولنگ جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار وزٽ ڪري اتي ڪمي پيشي پوري ڪندا ۽ ھن چيو ته سڪيورٽي ۽ اليڪشن پولنگ عملي کي ھر طرح جي ٽريننگ ڏني وئي آهي. ھن چيو ته اليڪشن ۾ ڪنٽرول روم ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ قائم ڪيو ويو آھي. ڊي سي شڪارپور چيو ته ٽرانسپورٽ جو به مڪمل بندوبست ڪيو ويو آهي ان موقعي تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز احمد چوھاڻ چيو ته پولنگ اسٽيشن ۾ پرزائيڊنگ آفيسر کانسواء ڪنهن کي به موبائل فون جي اجازت نه ھوندي ـ اميدوار ۽ چيف ايجنٽ کانسواء ڪو به پولنگ اسٽيشن ۾ نه اچي سگھندو ووٽ اصلي شناختي ڪارڊ تي ڪاسٽ ڪيو ويندو. چيف اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوھاڻ گڏجاڻي ۾ آيل اعليٰ آفيسرن کان پڻ تفصيل ورتا ۽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو ته پولنگ اسٽيشن تي ڪوئي به ھٿيارن جي نمائش نه ڪري ـ جيڪڏهن ڪو به اڻوندڙ واقعو پولنگ جي اندر يا پولنگ جي ٻاھران پيش اچي ته فورن اھو ڊي آر اوـ آر او ـ سڪيورٽي انتظاميا ۽ ضلعي انتظاميا کي ٻڌايو وڃي. پولنگ جو جيڪو ٽائيم مقرر آھي ان تي سڀني پولنگ تي عمل ڪرايو وڃي. ھن چيو ته اليڪشن عملو اليڪشن ڏينهن ڊيوٽيءَ تي حاضر نه ھوندو ته انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ سندن پگهارون بند ڪيون وينديون ۽ اسڪولن ۾ بجليءَ جو به انتظام ڪيو ويندو. صوبائي اليڪشن ڪمشنر ھيلٿ ـ ايجوڪيشن ۽ ٻين آفيسرن کان تفصيلي پنهنجي پنهنجي حصي بابت تفصيل ورتا اجلاس سان خطاب ڪندي ڊي ايس آر رينجرز سعيد احمد لاشاري چيو ته پي ايس 9 شڪارپور تي ضمني اليڪشن لاء اسان جا 200 رينجرز اهلڪار مقرر هوندا ۽ جيڪڏهن وڌيڪ ضرورت پئي ته اسان لاڙڪاڻو ـ جيڪب آباد مان گھرائي وٺنداسين گڏجاڻيءَ سان خطاب ڪندي ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ چيو ته پي ايس 9 شڪارپور 3 اندر 178 پولنگ اسٽيشن ۾ 54 پولنگ اسٽيشن انتهائي حساس ۽ 84 حساس ۽ نارمل 40 پولنگ اسٽيشن آهن ۽ پي ايس 9 شڪارپور لاء 2976 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شڪارپور پرويز احمد ڪلوڙ ـ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نادر پنھورـ ڊي اي او سيڪنڊري ۽ پرائمري ـ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ضلعي جي اعليٰ آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
12th Dec 2025
•
سندھ
بحریہ ٹاؤن کے قریب کار ٹریلر سے ٹکرا گئی، ایک ہی خاندان کے 3 افراد جاں بحق، 1 زخمی
12th Dec 2025
•
پاکستان
نادرا کی جانب سے پیدائش، موت، شادی اور طلاق کی آن لائن رجسٹریشن کے لیے ایپ متعارف
12th Dec 2025
•
سندھ
سندھ اسمبلی اجلاس: اسپیکر نے صوبائی ترجمان سمعتا افضال کو ڈانٹا
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو پاران پوليو مهم جو باقاعده آغاز
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڄام واهه جي ڳوٺ عرس جاکرو واسي عورتن جو ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
0 تبصرے