خالد لنڊ امداد لنڊ جي لاڏاڻي تي سندس پونئرن سان تعزيت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي خالد احمد خان لنڊ ملير جي علائقي يوسي پپري رائل سٽي ۾ ڊاڪٽر انعام الحق لنڊ جي ڀاءُ ۽ يوسي پپري جي چيئرمين ڊاڪٽر عظمت لنڊ جي سئوٽ امداد لنڊ جي فوتگي تي وارثن سان تعزيت ڪندي مرحوم لاءِ مغفرت جي دعا گهري. هن چيو ته الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ بلند مرتبو عطا فرمائي. ان کان اڳ اسٽيل ٽائون موڙ تي يوسي پپري جي چيئرمين ڊاڪٽر عظمت لنڊ ۽ لنڊ برادري جي ٻين ماڻهن پاران پيپلزپارٽي جي ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار مير خالد احمد خان لنڊ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي اها واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جمهوريت جي بحالي لاءِ جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون.
0 تبصرے