English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ جي هندو پاڙي ۾ واپاري طرفان گهٽي تي مبينا قبضو
113 views
|
11th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
واپاري عام رستي جي وچ ۾ دڪان ٺاهي ڇڏيو آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ شهر جي هندو پاڙي ۾ بااثر واپاري طرفان گهٽي جي وچ ۾ دڪان ٺاهي عام رستو بند ڪرڻ تي علائقي واسين سخت احتجاج ڪيو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته واپاري شخص بنا ڪنهن قانوني اجازت ۽ نقشا منظور ڪرائڻ جي گهٽي تي قبضو ڪري دڪان تعمير ڪيو آهي، جنهن سبب پاڙي جا رهواسي ۽ گڏاپ جا شهري متاثر ٿيا آهن ۽ ماڻهن جي اچ وڃ مڪمل طور تي بند ٿي وئي آهي مقامي رهواسن موجب هن گهٽي ذريعي روزانو سوين ماڻهو پنهنجي گهرن، ڪاروبارن، اسڪولن ۽ عبادتگاهه ڏانهن ويندا هئا، جڏهن ته هاڻي رستو تنگ ٿيڻ ۽ بند ٿيڻ سبب بزرگن، عورتن، ٻارن ۽ بيمار ماڻهن کي شديد تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا واپاري کي سمجهايو ويو ته گهٽي سرڪاري ملڪيت آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ان تي قبضو برداشت نه ڪيو ويندو، احتجاج ڪندڙ شهرين الزام هنيو ته واپاري جي اثر رسوخ سبب پوليس ۽ مڪاني انتظاميا شڪايتن باوجود ڪو به قدم نه کنيو، جنهن ڪري علائقي ۾ ڪاوڙ ۽ بيچيني وڌي وئي آهي. احتجاج ڪندڙن ڊپٽي ڪمشنر ملير، گڏاپ جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري نوٽيس وٺي گهٽي تان ناجائز تعمير ختم ڪرائي رستو بحال ڪرائين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Mar 2026
•
سندھ
کراچی: فیڈریشن آف پاکستان چیمبرز آف کامرس اینڈ انڈسٹری کا انڈس ہسپتال اینڈ ہیلتھ نیٹ ورک کے تعاون سے راؤنڈ ٹیبل کانفرنس کا انعقاد
09th Mar 2026
•
تازہ ترین
عوام کے لیے ایک اور بری خبر، دودھ 320 روپے فی لیٹر کرنے کا مطالبہ
09th Mar 2026
•
سندھ
سندھی قوم پر منشیات کی جنگ مسلط کی گئی ہے: وسند تھری
09th Mar 2026
•
تازہ ترین
اسٹیٹ بینک نے شرحِ سود سے متعلق اعلان کر دیا
09th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ جسقم پڊعيدن جي ڪارڪنن تي پوليس تشدد خلاف احتجاج
09th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڊي سي جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنرن پاران مختلف علائقن جا دورا
09th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سيد ضياءُ الحسن شاهه زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ جو پرو وائيس چانسلر مقرر
09th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ يوم حضرت علي عه جي حوالي سان اجلاس، سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ جي هندو پاڙي ۾ واپاري
0 تبصرے