سنڌيو سجاڳ ٿيو پنهنجي نياڻين ۽ ٻارن کي پني به پڙھايو: اياز لطيف پليجو

اياز لطيف پليجو اسڪوائر اڪيڊمي حيدرآباد پاران منعقد ثقافتي ڏهاڙي ۽ ايوارڊ تقريب ۾ خاص مھمان طور شريڪ

سنڌيو سجاڳ ٿيو پنهنجي نياڻين ۽ ٻارن کي پني به پڙھايو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو اسڪوائر اڪيڊمي حيدرآباد پاران منعقد ڪيل ثقافتي ڏهاڙو ۽ ايوارڊ تقريب ۾ مھمان خاص طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ عظيم تھذيب ۽ ثقافت جي سرزمين آھي سنڌ جي ثقافت امن، برابري ۽ محبت جي ثقافت آهي. علم، امن، ميرٽ، صحت، شفافيت ۽ احتساب ۾ سنڌ جي بقا آھي. سنڌ عظيم تھذيب، ثقافت ۽ رواداريء جي ڌرتي آھي۔ شاھوڪار تھذيب جي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن جي مالڪي اسان سڀني جي ذميواري آھي۔ ثقافتي ڏينھن ملھائي پنھنجي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن جي مالڪي ۽ ڪرپشن خلاف نئين عزم سان جھدوجھد جي ميدان ۾ لھڻ جو وچن ڪيون اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌيو ھاڻي سجاڳ ٿيو پنهنجي نياڻين ۽ ٻارن کي پڙھايو پني بہ پنھنجو اولاد پڙھايو منهنجي ڌيءَ پنج درجا پاس ڪري گهر ويئي رھي اھا فخر جي ڳالھ ڪونهي. عيوضي ۽ بدي جي سنگاونتي ننڍڙي ۽ بي سمجھ نياڻين جي سنگاونتي نہ اسان جون ريتون رسمون آهن ۽ نئي اسان جو جو نہ ڪلچر ثقافت آهي اھو اھا جھالت آهي انهن مدي خارج ريتن رسمن کي علم ذريعي ختم ڪري سگھجي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پنھنجي وطن ۽ قوم سان جڙو پنهنجي ميرٽ سان جڙو اڳيان مقابلو سفارشن جو ڪون ٿيندو، جڏهن توهان وڏا ٿيندو نوڪريون پيسئن تي ڪون ملنديون توهان جڏهن وڏا ٿيندو پبلڪ سروس ڪميشن ائين ڪون ھوندي ۽ جڏهن توهان وڏا ھوندا تڏهن ميرٽ تي ڌاڙو ھڻڻ سوَلو ڪون ھوندو توهان جي دور ۾ ميرٽ وارو ھوندي توهان جو مقابلو ھوندو جيڪي لاھور مان پڙهي ايندڙ، لمسي يونيورسٽي لاھور جي گريجوئيٽس، آءِ بي ڪراچي، وڏين لا يونيورسٽين ۾ پڙھيل ھوندا، او ليول، وڏين ميڊيڪل يونيورسٽين پڙھيل ھوندا اھي ٻار ڪراچي گريمرس اسڪول ۾ پڙھي ايندا انهن ٻارن سان پاڻ ڳوٺاڻن ٻارن جو مقابلو ٿيڻو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻ ڳوٺاڻا ٻار جيڪڏهن ھن دور ۾ پڙھائي ۽ ميرٽ سان جڙيل نہ ھوندا انگريزي، سائنس نہ سکندا جديد آءِ ٽي جا ڪورس نہ ڪندا، آرٽيفيسن انٽيليجنس نہ ايندي ھوندي، سائيبر سڪيورٽي جي خبر نہ ھوندي انھن شين کان اڻ واقف ھوندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ مستقبل ۾ توھين ائين ھوندو جيئن توهان پنڌ پيا وڃو وڏن اسڪولن، تعليمي ادارن ۽ ميرٽ تي پڙھيل ٻار وڏي گاڏي ۾ ھوندا اھا گاڏي زو ڪري مٽي ويندي توهان رڳو حسرت سان ڏسندو پيا پوءِ توهان چوندو پيا اسان جو ڪير بہ نہ ھو ڪنھن گائيڊ نہ ڪيو. آئون اڄ اياز لطيف پليجو چارج سيٽ ٿو ڪريان ۽ توھان ٻڌايان پيو سڀاڻي ائين نہ چئجو ويھن سالن کان پوءِ اسان کي ڪنهن ٻڌايو ڪون اسين پويان رھجي وياسين ٻين ڪمن ۾ لڳاسين ۽ ٻيا اسان کان اڳيان نڪري ويا. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪي توهان غريبن جا ٻار آيو جيڪي غريب مائٽن جا سنڌي نوجوان آيو جن جا مائٽ محنت ڪري ٿورو گھڻو خرچ ڏين ٿا جن تي توهان پڙھو ٿا ۽ ميرٽ وڃي وڏيون منزلون حاصل ڪريو ٿا توھين سنڌ جو روشن مستقبل آيو توھين تبديل ڪندو توھان اھي ڏيا آيو جنهن سان روشني پکڙيبي اميرن جا ٻار مائٽن کان مليل وڏين گاڏين ۾ زو ڪري اسپيڊ ۾ گاڏيون ھلائيندڙ منھگيون واچون، آءِ فون کڻي نوجوان گهمندڙ اھي پرھائي پيسن تي آهن انهن جو پيسو ڪونهي، انھن پاڻ ڪون ٺاھيو آهي يا اھو وڏن جي لٽيل محنتن جو پيسو آهي انگريزن، آمرن کان وٺي زرداري جون غلامي ڪيون آهن اھو ڪرپشن جو پيسو آهي ان پيسي کي ٿڪ ھڻو ميرٽ وارا پنج سوُ ھزار روپيا وڌيڪ اھم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ توھان جيڪي ٽوئيسن پڙھايو ٿا، ڪاروبار ڪيو ٿا، ڊليوري بائيز آيو، جيڪي نياڻيون گھرن ۾ ڪپڙا سلائي ڪن ٿيون اھي ٻار ۽ نياڻيون ان محنت مزدوري مان اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جون فيون ڏيو ٿا اھي ٻار ۽ نوجوان سڀاڻي سنڌ جو آئيندو آيو اھي سنڌ کي بدلائيندا سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪري بيھندا، سنڌ کي نئين سڃاڻپ ڏيندا حوصلو، نوان رستا ۽ نيون منزلون ڏيندو