ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ 34هون والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو، تقريب منعقد

جي.او.سي 16 ڊويزن پنو عاقل ڪينٽ ميجر جنرل شھريار قريشي خاص مهمان طور شريڪ

ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ 34هون والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو، تقريب منعقد

ڏوڪري (رپورٽر)ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي پاران 34 هين ”يومِ والدين“ جي پُر وقار تقريب شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسٽيڊيم ۾ ٿي گذري،جنهن ۾ جي.او.سي 16 ڊويزن پنو عاقل ڪينٽ ميجر جنرل شھريار قريشي مهمان خاص طور شرڪت ڪئي.تقريب دوران مهمان خاص ڪيڊٽس جي پريڊ ۽ جنرل سلام جو معائنو ڪيو.ان موقعي تي ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال برگيڊيئر (ر) غلام رضا (ستاره امتياز ملٽري) آيل مهمانن جي مان ۾ آجياڻو پيش ڪندي چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي پنهنجي سفر جا 34 سال پورا ڪري ورتا آهن ،ان ڪاميابي ۾ هتان جي استادن ۽ ٻئي عملي جي اڻ ٿڪ محنتن جو هٿ آهي.اسان جو ادارو شاگردن کي بهترين تعليم سان گڏ حب الوطني ۽ نظم و ضبط جهڙا عظيم درس سيکاري ٿو.هن چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان پڙهي نڪتل ڪيترائي شاگرد اڄ هٿياربند فوجن ۾ اعليٰ عهدن تي فائز ٿي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪري رهيا آهن.ان کان سواءِ هتان پاس آئوٽ ٿيل سوين ڪيڊٽس اڄ ملڪ جي مختلف سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ وڏن عهدن تي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن.پرنسپال برگيڊيئر (ر) غلام رضا (ستاره امتياز ملٽري) ڪاليج جي سالياني ڪارڪردگي پيش ڪندي چيو ته هميشه وانگر هن سال به هتان جي ڪيڊٽس لاڙڪاڻي بورڊ ۾ اهم پوزيشنون حاصل ڪيون آهن.ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي ڪيڊٽس ڪراٽي شو ۽ جمناسٽڪ شو ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري اتي موجود ماڻهن کان خوب داد حاصل ڪيو.ان موقعي تي مهمان خاص ميجرجنرل شھريار قريشي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن استادن ،ڪيڊٽس ۽ ٻئي اسٽاف ۾ انعام ورهايا.جنهن کان پوءِ ڪاليج جي پرنسپال برگيڊيئر (ر) غلام رضا (ستاره امتياز ملٽري) معزز خاص مهمان جي مان ۾ ڪاليج يادگار پيش ڪيو.تقريب کي خطاب ڪندي مهمان خاص ميجرجنرل شھريار قريشي جي.او .سي پنو عاقل ڪينٽ چيو ته ” تعليم ئي مڪمل ترقيءَ جو راز آهي.بهتر تعليم ۽ تربيت کان سواءِ ترقي ممڪن نه آهي. ڍمهمان خاص وڌيڪ چيو ته استاد بهتر تعليم سان گڏ نوجوانن کي اخلاقي قدرن، ماحولياتي ڄاڻ ڏيڻ ۽ جسماني تندرستي جا سبق ڏين،جيڪو اسان جو اولين فرض آهي.ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ملڪ جي وڏن تعليمي ادارن مان هڪ آهي جيڪو قوم جي نوجوانن کي بهترين تعليم ۽ تربيت مهيا ڪري ٿو.هن چيو ته مان هتان جي ڪيڊٽس جي محنت ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان ته هنن نه صرف تعليم حاصل ڪئي آهي پر ان سان گڏ بهتر زندگي گذارڻ لاءِ ٻي ضروري مهارت پڻ حاصل ڪئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان جي نوجوان نسل کي بهتر تعليم ڏيڻ جي حوالي سان ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو هڪ وڏو تعليمي ادارو ٿي اُڀريو آهي ،هن اداري وچولي توڙي هيٺئين وچولي طبقي جي لاءِ موقعو فراهم ڪيو آهي ته جيئن سندن ٻار بهتر تعليم حاصل ڪري سگهن.مان ڪيڊٽس تي زور ٿو ڀريان ته اهي ڪاليج ۾ موجود سهولتن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن.هن اداري شاگردن جي اهليت وڌائڻ لاءِ کين گهڻيون سهولتون ڏنيون آهن جن ۾ ملٽي ميڊيا ڪلاسز، لئنگويج ليبارٽريز، ڪمپيوٽر ليبارٽريز وغيره شامل آهن.اهڙي ڪوششن تي مان ڪاليج جي پرنسپال، استادن ۽ ٻئي عملي کي مبارڪ جو مستحق قرار ڏيان ٿو.هن چيو ته مون کي يقين آهي ته ڪاليج طرفان نوجوان ڪيڊٽس کي اعليٰ ڪردار، فرض شناسي ۽ قومي يڪجهتيءَ جا سبق پڻ ڏنا ويا هوندا.تقريب جي پڄاڻيءَ تي ميجر جنرل شھريار قريشي سائنس، آرٽ ۽ ڪرافٽ نمائش جو افتتاح ڪري ڪيڊٽس طرفان ٺاهيل مختلف شين ۽ پراجيڪٽس جو جائزو ورتو ۽ شاگردن جي محنتن جي ساراهه پڻ ڪئي.تقريب ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جا سوين شاگرد ، سندن والدين توڙي زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ هزارين معزز مهمان شريڪ ٿيا.