English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز جي صدارت هيٺ پوليو بابت اجلاس
193 views
|
10th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
پوليو مهم دوران هڪ به ٻار ڦڙا پيئڻ کان نه رهڻ گهرجي: محمد ارسلان سليم
نوشهروفيروز (ڊ .ر) ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ 15 کان 19 ڊسمبر 2025 تائين منعقد ٿيندڙ پوليو خلاف قومي مهم جي انتظامن کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو.اجلاس ۾ ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو، ضلعي مئنيجر پي پي ايڇ آءِ ڪيپٽن (ر) محسن علي، عالمي صحت تنظيم جو پي او ڊاڪٽر غلام علي سولنگي، ضلعي اطلاعات آفيسر قمر الزمان ڀنڀرو، فوڪل پرسن اي پي آءِ ڊاڪٽر عبدالستار بلال، ڪميونيڪيشن آفيسر علي اڪبر جوڻيجو، ڊاڪٽر وجي ڪمار ، سڀني تعلقن جا تعلقي سپروائيزر، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سڀئي لاڳاپيل عملدار هن مهم دوران هر ممڪن ڪوشش ڪن ته جيئن پنجن سالن تائين جو ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي. هن ٽيمن جي بهتر نگراني ۽ مدد لاءِ هدايتون ڏنيون. هن چيو ته سڀئي لاڳاپيل ادارا صحت کاتي سان گڏ آھن ۽ پوليس فورس کي مهم دوران بهتر ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ صحت کاتي جي آفيسرن اجلاس کي پوليو مهم لاءِ ڪيل انتظامن بابت بريفنگ ڏني ۽ چيو ته مهم لاءِ ضلعي ۾ ڪل 1025 ٽيمون ٺاهيون ويون آهن جيڪي 342,312 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديون، جن ۾ 893 موبائل، 18 ايس ايم ٽي، 75 فڪسڊ ۽ 41 ٽرانزٽ ٽيمون شامل آهن، جن لاءِ ضلعي ۾ 68 ٽيم سپورٽ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ت پوليو مهم لاءِ سڀ ضروري انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اجلاس کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر سول اسپتال نوشهره فيروز پهتو ۽ اتي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري قومي پوليو مهم جو افتتاح ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز
0 تبصرے