ملير: ڊاڪٽر اسامہ پاران ايف سي پي ايس آرٿوپيڊڪس ڪورس مڪمل ڪرڻ جي خوشي ۾ تقريب منعقد

ملير: ڊاڪٽر اسامہ پاران ايف سي پي ايس آرٿوپيڊڪس ڪورس مڪمل ڪرڻ جي خوشي ۾ تقريب منعقد

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ گورنمينٽ پي پي ايڇ آءِ هاسپٽل مراد ميمن ڳوٺ ملير ۾ ڊاڪٽر اسامہ پاران ايف سي پي ايس آرتھوپيڊڪس ڪورس مڪمل ڪرڻ جي خوشي ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي۔ تقريب ۾ هاسپٽل جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ ڊاڪٽر محمد صالح ڏيپر، پيپلز پيراميڊيڪل وِنگ ملير جي سينيئر اڳواڻ سليم جي ميمن، ڊاڪٽر مزمل بلوچ، ڊاڪٽر عارف شاهه، عمر راهمون، خالد بلوچ، عقيـل جاموٽ سميت ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي واضح رهي ته مراد ميمن ڳوٺ هاسپٽل ۾ آرتھوپيڊڪس سرجن جي سهولت موجود نه هئي، جنهن سبب علائقي جي غريب مريضن کي شديد تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو هو هن ضرورت کي نظر ۾ رکندي ڊاڪٽر اسامہ کي فيلوشپ ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز (آرتھوپيڊڪس) جي ڪورس لاءِ نامزد ڪيو ويو، جيڪو هن محنت ۽ دلچسپي سان مڪمل ڪيو ڊاڪٽر اسامہ ڪورس مڪمل ڪرڻ بعد اڄ کان باقاعدي طور هاسپٽل ۾ پنهنجي خدمتن جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان مراد ميمن ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي غريب مريضن کي هاڻي هڏن ۽ جوڑن جي علاج جون بنيادي سهولتون پنهنجي ئي علائقي ۾ ميسر ٿينديون ان موقعي تي ڊاڪٽر محمد صالح ڏيپر ۽ سليم جي ميمن خطاب ڪندي چيو ته آرتھوپيڊڪس سهولت جو آغاز علائقي جي ماڻهن لاءِ وڏي خوشخبري آهي، هاڻي کين وڏن اسپتالن جا چڪر نه لڳائڻا پوندا۔ هنن چيو ته مستقبل ۾ به هاسپٽل کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ ۽ وڌيڪ اسپيشلسٽ ڊپارٽمينٽ کولڻ لاءِ ڪوششون جاري رهنديون، جيئن اڳ ماڊل ميٽرنٽي هوم قائم ڪيو ويو هو علائقي واسين ڊاڪٽر اسامہ جي ڪاميابي کي علائقي لاءِ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي کيس نيڪ تمنائون پيش ڪيون۔